پاڪستان آپريشن ”بنيان مرصوص“ دوران شاهين ميزائيل استعمال ڪرڻ واريون ڀارتي دعوائون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان آپريشن ”بنيان مرصوص“ ۾ شاهين ميزائيل استعمال ڪرڻ بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد دعوائون سختي سان رد ڪيون ويون آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي الزام سراسر ڪوڙ ۽ بي بنياد آهن.
هن چيو ته ڀارتي فوج جي سرڪاري ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان شاهين ميزائيل استعمال ڪيو، جڏهن ته ڀارتي فوج پنهنجي غلطي سمجهندي ان وڊيو کي ترت هٽائي ڇڏيو، پر ڀارتي ميڊيا بنا تصديق اهڙيون خبرون هلائي چڪي هئي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته اڃا به ڪجهه ڀارتي ميڊيا ادارن جي ڪوڙي مهم جاري آهي ، جڏهن ته ڀارتي فوج جي سرڪاري اڪائونٽ طرفان اهڙي قسم جي غلط پوسٽ ڪرڻ تي اڃا تائين ڪو وضاحتي يا ترديدي بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ترجمان چيو آهي ته من گھڙت رپورٽون اصل ۾ ڀارت جي آپريشن ”سندور، ۾ ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوششن جو حصو آهن، جڏهن ته پاڪستان جي روايتي فوجي صلاحيتن واضح سرسي حاصل ڪئي.
بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اِها پروپئگينڊا نئين دهلي پاران جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪستان تي ” جوهري بليڪ ميلنگ“ جهڙن بي بنياد ۽ من گهڙت بيانيي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش جو تسلسل آهي.
ترجمان موجب، پاڪ فوج پاران استعمال ڪيل هٿيارن جا مڪمل تفصيل 12 مئي تي آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز ۾ ڏنل آهي، جنهن ۾ فتح سيريز ايف ون ۽ ايف ٽو ميزائيل، جديد ترين هٿيار، لانگ رينج لوٽرنگ ڪلر ڊرونز، ۽ هاءِ پريسيشن ڊگهي فاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ توپون شامل آهن.
ترجمان چيو ته انهن ميزائيلن سان ڀارت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾خاص فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو ۽ بنا تصديق ۽ چر ڏياريندڙ مواد جي اشاعت نه رڳو علائقائي استحڪام لاءِ نقصانڪار آهي، پر سرڪاري ادارن جي پيشيوراڻي ساک تي پڻ سوال اُٿاري ٿي.