” نشو ڪندڙ هر ٻار ڏوهي ناهي“ سينيٽ مان تعيلمي ادارن ۾ منشيات واپرائيندڙ شاگردن کي سزا ڏيڻ وارو بل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي تعليمي ادارن ۾ منشيات استعمال ڪندڙ شاگردن کي اسڪول مان ڪڍڻ ۽ ڏوهاري ثابت ٿيڻ تي مٿن ڏنڊ لڳائڻڻ وارو بل اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏيو.
سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز طرفان تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام بابت بل پيش ڪيو ويو.
بل ۾ تجويز ڏني وئي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جي منشيات ٽيسٽ مثبت اچي ته پهرين دفعي ۾ کيس وارننگ ڏني وڃي، ٻي ڀيري 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽيون ڀيرو ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس ڏنڊ سميت سزا ڏني وڃي.
اجلاس ۾ موجود منشيات ٽوڙ فورس (اي اين ايف) جي اهلڪارن بل تي راءِ ڏيندي چيو ته منشيات واري معاملي ۾ ٻار متاثر ڌر آهن ۽ اصلي ڏوهي اهي ماڻهو آهن جيڪي منشيات جي ڪاروبار ۽ وڪرو ۾ ملوث آهن.
اي اين ايف جي اهلڪارن اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته 80 سيڪڙو تعليمي ادارن ۾ اسڪيننگ مڪمل ٿي چڪي آهي، پر ٻارن جا منشيات ٽيسٽ ڪرائڻ اداري جي دائري ۾ نه ٿو اچي.
ڪميٽي جي رڪن سينيٽر شهادت اعواڻ بل تي اعتراض واريندي چيو ته هي قانون صوبي جي اختيارن ۾ مداخلت آهي، جڏهن ته قانون واري وزارت به موقف اختيار ڪيو آهي ته هي معاملو اي اين ايف بدران تعليم کاتي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
سينيٽر عرفان صديقي واضح ڪيو ته نه ڪائي صوبائي حڪومت، نه تعليمي ادارا ۽ نه ئي تعليم کاتو هن بل جي حمايت ڪري ٿو.
بل پيش ڪندڙ سينيٽر محسن عزيز چيو ته سندس مقصد ٻارن کي منشيات جي عادت کان بچائڻ آهي ۽ هو بل واپس نه وٺندو، ڀلي ڪميٽي ان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏي.
ان کانپوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي بل اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏيو