موٽر سائيڪل چوري جو واقعو ميونسپل اسٽيڊيم اڳيان، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) نامعلوم چور شھري جي موٽر سائيڪل چورائي فرار ۔ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميونسپل اسٽيڊيم جي ٻاهران نئين ڳوٺ اسامه شاھ جي 70 هينڊا موٽر سائيڪل ماڊل 2022 چوري ڪري فرار ٿي ويا

چوري واقعي تي شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي متاثر شخص ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽر سائيڪل جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.ٻئي پاسي ساڳئي ٿاڻي جي  پوليس حد حسيني روڊ واري علائقي ۾  شراب وڪرو ڪندڙ جوابدار سنجے کمار جي گهر تي ڇاپو هڻي

 جوابدار سنجے کمار کي گرفتار ڪري قبضي مان 11 شراب جون بوتلون هٿ ڪري ڪيس نمبر 87/2025 قلم 3/4 پي ايڇ او تحت داخل ڪيو آھي۔

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو