ملير ۾ سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج ۽ ڌرڻو ختم

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان نجي ڪمپني ڪينووڊ جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پوليس پهچي وئي انتظاميا ۽ ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۾ ڳالهيون، مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم، قابل، ڊگريون رکندڙ ۽ ٽيڪنيڪل نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، ايس ٽي پي طرفان سنڌي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي،

اڳواڻن جون صحافين سان ڳالهيون، تفصيل موجب ملير ۾ قائم ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران خير محمد مگسي، اصغر سبزوئي، راڻو خان زھراڻي، اياز قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهگهر نيشنل هاءِ وي لڳ ڪينووڊ ڪمپني اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، فيڪٽري انتظاميا فوري طور تي پوليس گهرائي ورتي، مظاهرين ڪارخاني ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا،

فيڪٽري انتظاميا ۽ ايس ٽي اڳواڻن ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون فيڪٽري انتظاميا مطالبا مڃي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن ٻڌايو ته ملير سميت ڪراچي ۾ هزارين ڪمپنيون ۽ ڪارخانا آهن

پر سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ٿا ڏين اسان جو مطالبو آهي ته ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، گهگهر ڀرسان سوين ادارا آهن نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن،

قابل، ڊگري رکندڙ ۽ ٽيڪنيڪل نوجوانن کي به روزگار نٿو ڏنو وڃي هي ناانصافي بند ڪئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو