سڪرنڊ: ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جو تعلقه اسپتال تي اوچتو دورو، خراب حالتن تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبد الصمد نظاماڻي اوچتو تعلقه اسپتال جو دورو ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ مختيارڪار سڪرنڊ شوڪت حسين ٻجيرو پڻ ساڻس گڏ هئا

 ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو جنهن ۾ وارڊ ، اسٽور ، ليبارٽري ، ايڪسري روم سميت ٽراما سينٽر شامل هئا ان دوران اسپتال ۾ موجود مريضن پاران دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي موجود نه هئڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ جي شڪايت ڪئي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ايم ايس کي سخت هدايتپن جاري ڪيون ته انتظام کي فورن درست ڪيو وڃي ڪوتاهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي

ڊپٽي ڪمشنر واش رومز جو پڻ معائنو ڪيو جتي نه پاڻي نه لائٽ نه صفائي جو انتظام جنهن تي عبدالصمد نظاماڻي پاران سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويو آخر ۾ ميڊيا جي نشاندهي تي سرڪاري ايمبولينسون پڻ چيڪ ڪيون جن مان هڪ سرن تي بيٺل ٻي گدام ۾ بند ٻئي ناڪاره ڏسڻ تي ڊپٽي ڪمشنر پاران ايم ايس تي حيرانگيءَ مان ڏسي مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس معاملن کي فورن درست ڪرڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقه اسپتال اچي هتي جو انتظام ڏسي مايوسي ٿي آهي پر منهنجي ڪوشش هوندي ته سمورين ڪوتاهين کي جلد دور ڪيون ان شاء الله جلد ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سان ميٽنگ ڪري معاملن تي ڳالهايو ويندو سڪربڊ وارن لاءِ تعلقه اسپتال کي لاڀائتو بڻايو ويندو.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو