سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ماحولي خطرا، وسيلن جو استعمال ۽ پائيدار ترقي بابت بين الاقوامي ڪانفرنس جو شاندار انعقاد
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شھيد بينظير آباد ۾”ماحولي خطرن، وسيلن جي ڪارائتي استعمال ۽ پائيدار ڪاروباري طريقن لاءِ ھڪ گھڻ رخي نقطه نظر” جي موضوع تحت بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. ٻن ڏينھن واري ھن ڪانفرنس ۾ بين الاقوامي ۽ قومي سطح جي اسڪالرن پنھنجا مقالا پيش ڪيا.
آن لائن ۽ آف لائن فارميٽ ۾ ترتيب ڏنل ھن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ سسٽينبلٽي سان لاڳاپيل عالمي چئلينجن، خاص ڪري موسمي خطري جي شڪار علائقن جھڙوڪ پاڪستان لاءِ، حل ڳولڻ جي لاءِ معروف علمي، پاليسي ساز، ترقياتي ماهرن ۽ محققن پروفيسر ڊاڪٽر اظماواني، عبدالرحمان (صدر پتره بزنس اسڪول، ملائيشيا)
پروفيسر ڪرسٽوفر گين (لنڪن يونيورسٽي، نيوزيلينڊ)
ڊاڪٽر اوان ڊيازريني (گرفٿ بزنس اسڪول، آسٽريليا)
ڊين ڊاؤ گارڊ (يونيورسٽي آف تسمانيا، آسٽريليا)
پروفيسر ڊاڪٽر ورجينيا بودوليڪا (آمريڪن يونيورسٽي آف شارجا) ڊاڪٽر خانھ (ھيئري) هوانگ (لنڪن يونيورسٽي، نيوزيلينڊ)، ڊاڪٽر سونيا چاولہ (ڊاڪٽر بي آر امبيڊڪر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، جالنڌر، ڀارت) پڻ پنھنجا مشاھداتي مقالا پيش ڪيا. جڏھن ته پاڪستاني مقررن به ڪانفرنس ۾ پاليسي، معيشت، تعليم ۽ ترقي جي حوالي سان اهم ۽ مقامي نقطه نظر پيش ڪيا. جنھن ۾ سيد سلمان شاه، ڊائريڪٽر جنرل، صوبي سنڌ جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي، ڊاڪٽر جميل خلجي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد قريشي زيبسٽ، ڪراچي، نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظھر عباس، پروفيسر ڊاڪٽر زاهد خان، ڊين، بحريه يونيورسٽي، اسلام آباد ڪيمپس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاه چيو ته ھي ڪانفرنس اسان جي ان عزم جو اظهار آھي ته پائيدار ترقي رڳو هڪ پاليسي جو مقصد نه، پر گڏيل ذميواري آھي.
اسان حقيقي موسمي مسئلن جي حل لاءِ علمي ڪوششن جي اڳواڻي ڪرڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا. پروگرام جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير ميمڻ، ڊين، فيڪلٽي آف مينيجمينٽ ۽ سوشل سائنسز، ڪانفرنس جي ڪنوينر ۽ ڪو ھن چيو تہ ھن بين الاقوامي ڪانفرنس ذريعي ھڪ اھڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جتي ڪاروبار، تعليم، پاليسي ۽ موسمي پائيداري بابت اهم خيالن جي واڌ ويجهه ٿي سگھي. اھڙين قسمن جي ڪوششون اسان جي ريسرچ ۽ ادارتي ترجيحن کي اڳتي وڌائينديون.
ڪانفرنس ۾ ڇهن مختلف موضوعن جھڙوڪ پائيدار ڪاروباري
عمل، موسمي خطري ۾ گهٽتائي، تعليم ۽ مالي لچڪ بابت، 50 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا، جيڪي آن لائين ۽ آف لائين ھئا. ان موقعي تي “ادارن جي لچڪ ۽ موافقت” تي هڪ خاص پينل بحث جو پڻ انعقاد ڪيو ويو.
مَي 19, 2025