سکر: ڪائنات مگسي جي قتل خلاف سندس والد محمد رمضان مگسي جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) شڪارپور جي مگسي محلي جي رهواسي ۽ مگسي برادري سان تعلق رکندڙ محمد رمضان مگسي پنهنجي ڌيءَ جا قاتل گرفتاري نه ٿيڻ ۽ پوليس جي مبينه ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي محمد رمضان مگسي ٻڌايو ته 6 سال اڳ هن پنهنجي ڌيءَ ڪائنات مگسي جي شادي حبيب الله معرفاڻي سان ڪرائي هئي.

 شادي بعد ڪائنات ۽ حبيب الله چار ٻارن سان گڏ خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، پر ڪجهه وقت اڳ حبيب الله معرفاڻي قبائلي تڪرار  دوران قتل ٿي ويو.محمد رمضان موجب، ناٺي جي قتل کان پوءِ جائيداد جي تڪرار سبب سندس ڌيءَ ڪائنات کي به نشانو بڻايو ويو.

 هن الزام لڳايو ته حبيب الله جا ويجها مائٽ  نادر معرفاڻي، گل حسن، گلشير، ياسين، ابراهيم ۽ دادن عرف دادو رٿابندي تحت ٽي مهينا اڳ ڪائنات کي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو.واقعي جي ايف آءِ آر ٿاڻي نيو فوجداري شڪارپور تي داخل آهي پر ان باوجود اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

محمد رمضان مگسي اعليٰ اختيارين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڌيءَ جي قاتلن کي ترت گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو