سون کي پَرَ لڳي ويا، يڪدم هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت في تولا سون 4000 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 4000 رپيا مهانگو ٿي 3 لک 42 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت به 3429 رپيا وڌي 2 لک 93 هزار 638 رپيا ٿي وئي آهي.