دادو: سورج آباد ۾ جڳهه خالي ڪرائڻ تي پوليس ۽ مقامي رهواسين وچ ۾ ڇڪتاڻ، کوسا برادري جو احتجاج
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو سورج آباد جي علائقي ۾ سيشن ڪورٽ جو حڪم ڄاڻائي پوليس جڳھ خالي ڪرائڻ لاءِ پهتي، جتي چار ڏهاڪن کان رهندڙ گهر جي رهواسين ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي
پوليس جي وڏي نفري جڏهن علائقي ۾ داخل ٿي ته کوسا برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هو گذريل 40 سالن کان ان جڳهه تي آباد آهن، جنهن جا بجلي، گئس ۽ ٻيا سهولتن جا بِل به سندن نالي تي آهن،
گهر جا مالڪاڻي حقوق جي دعويٰ ڪندڙ علي اڪبر کوسو جو چوڻ هو ته اسان هيءَ جڳهه شاهاڻي برادري کان 40 سال اڳ خريد ڪئي هئي، هاڻ مگسي برادري ڪوڙي دعويٰ ڪندي عدالت مان حڪم وٺي زوري اسان کي نيڪالي ڏياري رهي آهي گهر ڌڻين جن گهر سندن هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
انهن سيشن جج دادو ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي، سندن 40 سالن جي ملڪيت بابت انصاف فراهم ڪيو وڃي.
مَي 19, 2025