دادو: اصلاح المسلمين جماعت جي گڏجاڻي ۾ تعليمي عملدرآمد ۽ امن لاءِ دعا

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ جماعت اصلاح المسلمين ضلعي دادو زون ون جي گڏجاڻي ضلعي صدر عبدالرزاق کوسو طاهري جي صدارت هيٺ ۽ ضلعي نائب صدر نور احمد شاهاڻي طاهري جي ميزبانيءَ ۾ ٿي گذريو، اجلاس جو آغاز تلاوت، نعت ۽ منقبت سان ڪيو ويو،
ان موقعي تي اپريل کان جون تائين جي ترجيحن بابت برانچز کي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايتن ۽ تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو
اجلاس جي آخر ۾ سهرابيا مسجد دادو جي فنانس سيڪريٽري محمد هاشم مستانو چارڻ طاهري کي تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ کيس اجرڪ اوڍائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ملڪ جي استحڪام، انسانيت جي ڀلائي ۽ امن لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.
مَي 19, 2025