ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايونٽن ۾ نه کيڏڻ جون خبرون، ڀارتي بورڊ جو ردعمل اچي ويو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) مينز ايشيا ڪپ 2025 ۽ وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ تان هٿ کڻڻ بابت هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديو جيت سائيڪيا اهڙي قسم جي افواهن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته بورڊ طرفان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ايونٽن بابت هن مهل تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ايونٽن ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت نه ڪرڻ بابت هلندڙ خبر يا رپورٽ صرف افواهه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن وقت بي سي سي آءِ جو سمورو ڌيان انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۽ انگلينڊ خلاف ايندڙ مهيني شيڊيول سيريز تي کتل آهي.
واضح رهي ته اڄ صبح کان ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي هئي ته تازي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي انتظام هيٺ ٿيندڙ سمورن ايونٽن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارتي اخبار ”انڊين ايڪسپريس“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته بي سي سي آءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي باضابطا طور آگاهه ڪيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني سري لنڪا ۾ شيڊيول عورتن جي ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ حصو وٺندي ۽ نه ئي سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ مردن جي ايشيا ڪپ ( جنهن ميزباني ڀارت وٽ ئي هئي) ۾شرڪت ڪندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته بي سي سي آءِ جي هن فيصلي پٺيان اهم سبب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو موجوده صدر محسن نقوي آهي، جيڪو نه فقط پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين آهي، پر وفاقي گهرو وزير پڻ آهي.
بي سي سي آءِ جي هڪ اعليٰ عهديدار اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي ٽيم اهڙي اداري جي تحت ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ٿي ڪري سگهي، جنهن جو سربراهه پاڪستان جو وفاقي وزير هجي.
سندس چوڻ هو ته ” اسان زباني طور اي سي سي کي وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ تان دستبرداري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اي سي سي جي ايونٽن ۾ شرڪت غير يقيني آهي، ان معاملي تي اسان ڀارتي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.“
پر هاڻي بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديو جيت سائيڪيا اهڙي قسم جي خبرن کي افواهه قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو