گڏاپ ٽائون جي 300 ڳوٺن ۾ بجلي بندش خلاف رهواسين ۽ چونڊيل نمائندن جو احتجاج، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا تي سخت نعريبازي
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا گڏاپ ٽائون جي 3 سئو ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف رهواسي ۽ چونڊيل مڪاني نمائندا احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون، احتجاج ۾ اڳواڻي يوسي چيئرمين مبارڪ گبول، شڪور گبول ۾ ٻين ڪئي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رهتن جو سبب ڄاڻائي گڏاپ جي سوين ڳوٺن کي بجلي ۽ پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو
ڳوٺاڻن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا طرفان گڏاپ ٽائون جي 3 سئو ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف رهواسي ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن طرفان احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن رستن تي نڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ۾ اڳواڻي يوسي چيئرمين مبارڪ گبول، شڪور گبول ۾ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رهتن جو سبب ڄاڻائي گڏاپ جي سوين ڳوٺن کي بجلي ۽ پاڻي کان محروم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ٻلن جي ادائيگي ڪيل آهي
هن وقت سخت گرمي ۾ پاڻيءَ جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهيرهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم ٿي ويا آهيون بي طرف گڏاپ سٽي، ڪاٺوڙ، صالح محمد جماڻي ڳوٺ، فقير محمد ڳوٺ، گاجان ڳوٺ ،بنديچا اسٽاپ سميت 2 سئو ڳوٺن جي بجلي بند پيل گرميءَ جي باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته بجليءَ تي هلندڙ واٽر سپلائي اسڪيمن جا موٽر بند پيل آهن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي نوٽيس ورتو وڃي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجليءَ جا بل ڀرڻ جي باوجود بجلي بند ڪري ڇڏي آهي بجلي بحال ڪئي وڃي.
مَي 18, 2025