ڀارت وساري ويٺو هو ته پاڪستاني فوج ۽ قوم ڪڏهن نٿا جهڪي سگهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت هن خطي، خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي سمجهڻ لاءِ ان جو پس منظر ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي، ڀارت هن خطي، خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جو اصل سرپرست آهي، ڀلي اهي خارجي هجن يا بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهه.
هن چيو ته ڀارت حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙن بيانن جي پٺيان لڪي رهيو آهي، پهلگام واقعي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻن ڏينهن کانپوءِ پاڻ تسليم ڪيو ته جاچ اڃا جاري آهي، جاچ ۽ شاهدن کان سواءِ الزام لڳائڻ ڪهڙي سمجهداري آهي؟
سندس موجب پاڪستان چيو ته جيڪڏهن ثبوت آهن ته اهي ڪنهن اڻ ڌرئي اداري حوالي ڪيو، اسان سهڪار لاءِ تيار آهيون پر ڀارت ان منطقي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، ڀارت هڪ طرفو قدم کڻندي اسان جي مسجدن تي ميزائل فائر ڪيا، ڀارت اسان جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي شهيد ڪيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج تي ملڪ جي خودمختياري ۽ سرحدن جي حفاظت جي مقدس ذميواري آهي، جيڪا اسان پوري ڪئي ۽ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين، پاڪستان ڀارت کي ترت، سخت ۽ اثرائتو جواب ڏنو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دشمن اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ حملا ڪيا پر ڀارت وساري ويٺو هو ته پاڪستاني قوم ۽ فوج نه ته ڪڏهن جهڪي آهي، نه ئي جهڪائي سگهجي ٿي.
هن چيو ته 10 مئي جي صبح اسان جواب ڏنو، اسان ذميواري ۽ احتياط سان رڳو انهن جي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، ڪنهن به شهري ملڪيت کي نقصان نه پهچايو، اهو هڪ مناسب، منصفاڻو ۽ متوازن جواب هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان پاڻ اچي جنگبندي جي اپيل ڪئي، اسان امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون ته پوءِ اسان چيو ته ڇو نه؟ اسان پرتشدد نه پر سنجيده قوم آهيون، اسان جي پهرين ترجيح امن آهي ۽ آمريڪا جهڙيون وڏيون ۽ سمجهدار طاقتون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿيون ته پاڪستاني قوم جو جذبو ڇا آهي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو