پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽائڻ تي آءِ ايم ايف جو اعتراض، 700 ارب جا ٽيڪس لڳندا

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 700 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي غور شروع ڪيو آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ اضافي 700 ارب رپيا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۽ ان جي لاڳو ٿيڻ وارن قدمن تي ويچار ڪري رهيا آهن، 2 جون تي پارليامينٽ ۾ 2025-26 جي بجيٽ جي اعلان سان گڏ حڪومت آءِ ايم ايف کان پگهار دار طبقي، تمباڪو ۽ مشروبات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن ۾ سڌارن جي درخواست ڪئي آهي، آءِ ايم ايف پگهار دار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرحن ۾ گهٽتائي تي اعتراض واريو آهي، جيڪڏهن 0.2 ملين کان 0.4 ملين رپين ماهوار آمدني رکندڙ وچولي  طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي ٿي ته ان صورت ۾ امڪاني وڌندڙ آمدني بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، تمباڪو جي شعبي ۾، (سگريٽ جي پيڪيٽ جي) گهٽ ۾ گهٽ قانوني قيمت (MLP)، جيڪا هن وقت 162.25 رپيا في پيڪيٽ آهي، ان ۾ اضافي جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت 80 سيڪڙو کان وڌيڪ برانڊز هيءَ قيمت يا ان کان ٿورو وڌيڪ تي وڪرو ٿي رهيا آهن،

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو