سکر ۾ ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي تحت نئين چانھ هوٽل جو افتتاح، برادري جي اتحاد ۽ خدمت جو مظاهرو
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ڪوئنز روڊ تي هڪ نئين چانھ هوٽل جي افتتاحي تقريب ٿي.
ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن شرڪت ڪري تقريب کي يادگار بڻايو. تقريب جو افتتاح ڪاڪڙ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نياز خان ڪاڪڙ، ذڪريا خان، حاجي صابر خان، تاجر اتحاد جي سرپرست اعلى آغا ايوب شاه، صدر مير عبدالرحمان مينگل، شبير ميمڻ، پرويز چنه ۽ ٻين معزز عهديدارن گڏجي ڪيو.افتتاح کان پوءِ ذڪريا خان پاڻ چانھ ٺاهي مهمانن کي پيش ڪئي،
جنهن جي شرڪت ڪندڙن گهڻي ساراهه ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آغا ايوب شاه چيو ته ڪاڪڙ برادري هڪ بهادر، باوقار ۽ محنتي آهي، جيڪا هميشه ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ اڳيان رهي آهي. هن چيو ته هو برادري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هر سطح تي مڪمل سهڪار ڏيڻ لاءِ تيار آهن.صدر مير عبدالرحمان مينگل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪاڪڙ برادري دنيا جي غيرتمند ۽ محنتي برادرين مان هڪ آهي. هن چيو ته انهن جا ڀائر جنهن جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن،
اهو واقعي قابلِ تعريف آهي ۽ انهن جون خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهجن ٿيون.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين مقررن به ڪاڪڙ ویلفیئر ایسوسيئيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ادارو ايندڙ وقت ۾ به عوامي خدمت جي جذبي سان پنهنجو ڪم جاري رکندو.
مَي 18, 2025