سکر ۾ ميون جو بادشاهه “سنڌڙي” انب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، قيمتن ۽ طلب ۾ واڌ

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) انتظار جون گهڙيون ختم، ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، سنڌڙي سميت ٻين قسمن جي انبن جي خريد و فروخت شروع، طلب ۽ اگهن ۾ واڌ ان سلسلي ۾  ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به ميون جو بادشاهه انب  مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اچي ويو آهي.

سنڌ جي سڀ کان مشهور قسم جو “سنڌڙي” سميت ٻين انبن جي خريد و فروخت شروع ٿي وئي آهي. انب جي مارڪيٽ ۾ اچڻ سان ئي ان جي قيمتن ۾ به واڌ اچي وئي آهي، جنهن سبب اهو عام صارف جي خريداري قوت کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي.شهر جي مختلف علائقن، رستن ۽ هنڌن تي انب جي مختلف قسمن جي وڏي مقدار ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڊيلرن خريد و فروخت لاءِ رٿابندي به شروع ڪري ڇڏي آهي.

ماهرن جي مطابق، انب نه صرف دل جي بيمارين لاءِ فائديمند آهي پر معدي جي بيمارين کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. انب جي لڳ ڀڳ 26 قسمون موجود آهن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني انب کي خاص اهميت حاصل آهي، جنهن جي وڏي طلب پڻ آهي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو