سيٺارجا: گم ٿيل نوجوان پرويز علي سھتو جو تشدد ٿيل لاش درگاه شهيد پاڪ وٽان هٿ آيو، پوليس جاچ جاري

Spread the love

سيٺارجا  (رپورٽ: رمضان علي )3 ڏينھن اڳ ڳوٺ سيٺارجا لڳ ڳوٺ صوفائي سھتا مان پاڻي جي واري تان گم ٿيل نوجوان پرويز علي سھتو جو اڄ ڳوٺ ٻاهران درگاھ شھيد پاڪ وٽان تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي .

اطلاع تي وارث ۽ سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻڌايو ويو آهي ته 3 ڏينهن اڳ نوجوان پرويز سهتو زمين تي پاڻي جي واري تي وڃڻ دوران گم ٿي ويو هو جنهن کي وارثن پاران ڪافي تلاش ڪيو ويو ۽ سيٺارجا ٿاڻي تي سندس مبينا اغوا جي اين سي داخل ڪرائي وئي

 هئي جنهن بعد اڄ سندس لاش هٿ آيو آهي جنهن لاءِ وارثن پاران الزام لڳايو پيو وڃي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل نه ٿيو آهي . جڏهن ته سيٺارجا پوليس موجب گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي جنهن واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي .

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو