سيوھڻ ۾ اي ايس پي عبدالله افضل پاران کليل ڪچھري ۽ خيروديرو پوليس اسٽيشن جو دورو، علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ قدم
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ضلعي پوليس ڄامشورو جي ترجمان موجب ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جي هدايت تي اي ايس پي سيوھڻ عبدالله افضل جي کليل ڪچھري،ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جي حڪم تي عمل ڪندي، اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل خير ديرو پوليس اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ هڪ کليل ڪچھري منعقد ڪئي،
کليل ڪچھري ۾ علائقي جي رهواسين مختلف سماجي ۽ قانوني مسئلا پيش ڪيا، جن کي اي ايس پي عبدالله افضل غور سان ٻڌو، ۽ ماڻهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ موقعي تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون،اي ايس پي عبدالله افضل عوام کي يقين ڏياريو ته پوليس شهرين جي خدمت ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي،
اي ايس پي سيوهڻ خيروديرو پوليس اسٽيشن ۾ مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جا موقعي تي حڪم جاري ڪيا،اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل سکھيہ موري پوليس چونڪي پهچي ويو، هن پوليس پوسٽ تي جاري ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ڪم کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.
مَي 18, 2025