سانگھڙ: آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي بندش خلاف آبادگارن جو سخت احتجاج، زرعي فصلن جي تباهي جو خدشو
سنجھورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي ) سانگھڙ ضلعي ۾ آبپاشي کاتي پاران اولڊ جمڙائو ڪينال ۾ ھٿرادو پاڻي جي بندي ڪري ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بنائي اربين روپين جو زرعي فصل سڪايڻ توڙي ڊاريڪٽر نارا ڪينال اشفاق ميمڻ جي ھٺ ڌرمي ۽ نا انصافين خلاف سانگھڙ ضلعي جي آبادگارن جو اڳوڻي ايم پي اي ۽ پير صاحب پاڳاري جي خليفي وريام فقير ورياماڻي ۽ آبادگار تنظيم اڳواڻ رئيس مراد علي خان نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ اعلا سطعي ڪٺ ٿيو آھي جھن مطالبن جي مڃتا تائين جامع تحريڪ ھلايڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي
ضلعي جا سمورا خارجي توڙي اندراجي مک رستا بند ڪري مسلسل ڌرڻا ھڻڻ تي اتفاق ٿيو آھي جھن لا آبپاشي کاتي کي ھڪ ڏيھن جي مھلت ڏني وئي ۽ سڀاڻ تائين گھرجائو پاڻي جو ڇوڙ نھ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪال ڏني ويندي احتجاجي ڪٺ بعد پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران . آبادگار اڳواڻن اڳوڻي ايم پي خليفا وريام فقير ورياماڻي رئيس مراد علي خان نظاماڻي چوڌري خادم حسين جٽ فقير علي احمد منڱريو چوڌري شفيق آرائين فقير عبدلستار منڱريو چوڌري افضال جٽ فقير علي حسن ورياماڻي ۽ ٻين اڳواڻن ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران احتجاج ڪندي چيو آهي ته هڪ اڳ ئي شاخن ۾ پاڻي ناهي، مٿان اولڊ جمڙائو تي ھزارين ايڪڙ فصل آباد ٿيل آهي،
هن وقت فصل کي پاڻي جي تمام گهڻي گهرج آهي، اولڊ جمڙائو ڪينال بند ڪري لائننگ جي ڪم جي بهاني پاڻي بند ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي ،جيڪڏهن شاخ بند ڪئي وئي ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل مڪمل تباھ ٿي ويندا، هنن چيو ته في الحال شاخ جي لائننگ جو ڪم ملتوي ڪري فصلن کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي،
هنن چيوته اسان جا فصل اڳ ئي سڪي رهيا آهن وري پاڻي بند ٿيو ته ويتر فصل تباھ ٿي ويندا، ايترو فصلن ۾ برداشت ناهي، آبپاشي کاتي جا عملدار پاڻي بند ڪندا ته اسان جا ڪاهيل فصل ڪمند ، ڪيلو ،ووئڻ جوئر ،ٻاجهري سُڪي راس ٿي ويندو، آبادگارن وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي چيف انجنئير ڊاريڪٽر نارا ڪينال مولوي اشفاق ميمڻ آبادگارن سان ويساهه گهاتي ڪري رهيو آهي،
ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رهيو آهي، آبادگارن وزير اعلي سنڌ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو، اعلا احڪامن ،چونڊيل نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مختلف واھن تي ريپرينگ جو بھانو ڪري شروع ڪيل شاخن جو ڪم ملتوي ڪري فصلن کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ۽ بعد ۾ جنوري 2026 جي بندي دوران لائننگ جو ڪم ڪيو وڃي جيئن آبادگار پنهنجو فصل تيار ڪري بچائي سگهن.
مَي 18, 2025