درياهن جي وھڪرن ۾ گهٽتائي ۽ پاڻي جو مستقبل

Spread the love

محمد احسان لغاري

پاڪستان جا هاڻوڪا علائقا جيڪي صدين کان سنڌو درياهه ۽ ان جي معاون درياهن جي وهڪرن تي سرسبز رهيا آهن، اڄ ھڪ اهڙي پاڻي جي بحران جي ڪنڌيءَ تي بيٺا آهن جيڪو ان جي زرعي ڍانچي،  ماحولياتي ۽ توانائي جي توازن کي ڌوڏي سگھي ٿو.  هي بحران ته سنڌ اڳي ئي ڀوڳي رهي آهي. 1980 کان 2022 تائين درياهن جي وهڪرن جي ڊيٽا جو تجزيو انهيءَ حقيقت کي وائکو ڪري ٿو ته اولھه وارن درياهن (سنڌو، جهلم، چناب) ۽ اوڀر وارن درياهن (راوي، ستلج) ٻنهي جي وهڪرن ۾ خطرناڪ گھٽتائي ٿي آهي.

1960 جي سنڌ طاس معاھدي تحت، ڀارت کي اوڀر وارن درياهن تي مڪمل اختيار حاصل آهي، جڏهن ته پاڪستان کي رڳو چؤماسي ۾ اوڀر وارن درياهن مان ڪجهه پاڻي ملي ٿو  ۽ اهو به ان وقت جڏهن اولهه وارا درياهه به ڀريل هجن ٿا جنھن ڪري اهو پاڻي عملي طور استعمال جوڳو نه ٿو رهي. مٿين وارا پنهنجو حصو يا ان کان وڌيڪ  پاڻي وٺن ٿا. انھن کي کوٽ جي يا وھڪرن جي گھٽتائي جي ڪھڙي خبر!موسمي تبديلي، ڦير گهير اپ اسٽريم بندشون ۽ ناقص پاڻيءَ جي انتظامي پاليسيون هن ٻٽي بحران جا بنيادي سبب آهن.

شمارياتي خبرداريڪل وارننگ:

درياهن جو ڊيٽا (ملين ايڪڙ فٽ ۾) 41 سالن جي حقيقي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو، جيڪو ٻن دورن ۾ ورهايل آهي: 1981–2000 ۽ 2001–2022. اولھه وارن درياهن جي مجموعي وهڪري جي سراسري 137 MAF مان گهٽجي 116 MAF ٿي وئي. يعني 15 سيڪڙو گھٽتائي! سنڌو درياهه جو وھڪرو 88 MAF مان 72 MAF، جھلم جو 23 مان 21، ۽ چناب جو 27 مان 23 MAF تي اچي ويو آهي.

اوڀر وارن درياهن جي حالت وڌيڪ خراب آهي. انھن جو سراسري وھڪرو 8.55 MAF مان گھٽجي صرف 2.88 MAF ٿي ويو. يعني 66 سيڪڙو جي گھٽتائي! وڌ ۾ وڌ وھڪرو 16.58 مان 7.10 MAF، ۽ گھٽ ۾ گھٽ 1.08 مان 0.30 MAF تي اچي ويو. ڦهلاءُ / Variance به 19.01 مان گهٽجي 4.12 MAF ٿي ويو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوڀر وارن درياهن جو پاڻي نه صرف گهٽجي چڪو آهي، پر هاڻي مسلسل گهٽ ئي رهي ٿو.

شمارياتي لاڙا ڇا ٿا ٻڌائين:

شمارياتي/اسٽيٽسٽي ڪل انگ “لينيئر ريگريشن” مان معلوم ٿئي ٿو ته اولھه وارن درياهن جي سراسري سالياني گهٽتائي لڳ ڀڳ هڪ 1 MAF جي برابر آهي، جنهن مان سڀ کان وڏي گهٽتائي سنڌو درياهه ۾ آهي  0.78 MAF /  في سال!  جھلم (-0.07) ۽ چناب (-0.16) جي گهٽتائي شمارياتي طور گھٽ اهميت رکي ٿي. يعني سڀ کان وڌيڪ سنڌو ۾ گھٽتائي اچي پئي، وري راتاھا به سنڌو تي آھن ۽ سڪل به سندس ڊيلٽا آھي! اوڀر وارا درياهه هر سال 0.24 MAF گهٽجي رهيا آهن. اهو به ياد رکو ته اوڀر جا درياهه ته صدر ايوب اڳي ئي وڪرو ڪري چڪو هو!

پنجن سالن واري “موونگ ايوريج” / وقت سان تبديل ٿيندڙ سراسي ملھ مان مجموعي لاڙن جو پتو پوي ٿو. اولھه وارا درياهه 1993. 94 ۾ 151 MAF تي هئا، جيڪي 2018–19 ۾ فقط 112 MAF رهجي ويا. اوڀر وارا درياهه 1993. 94 ۾ 10.02 MAF تي هئا، پر 2000 کان پوءِ لڳاتار 1 کان 4 MAF تائين گهٽجي ويا. اها تيز  گھٽتائي ڀارت جي اپ اسٽريم ڪنٽرول جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا سنڌ طاس معاھدي جو اصل نقطو آهي.

بحران جا ڪارڻ:

هيماليا ۾ وڌندڙ گرمي جي پد جي ڪري گليشئرز جي ڳرڻ جي رفتار ته وڌي آهي، پر برفباريءَ ۾ گهٽتائيءَ سبب مستقبل ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. ڪجهه رپورٽن موجب، 2100 تائين هندوڪش-هماليا جي هڪ ڀاڱي ٽي/ ٽيون حصو يا اڌ گليشئرز ختم ٿي سگهن ٿا. پاڪستان جي اندر، خاص طور تي خريف جي موسم ۾، زرعي ضرورتن کان وڌيڪ پاڻي ڪڍيو ويندو آهي، جنهن سان اولهه وارن درياهن تي دٻاءُ وڌي ٿو. هنن سڀني سببن سان گڏ، مونسون/چؤماسي جي بي ترتيبي به بحران کي وڌائي رهي آهي.

انساني ۽ معاشي اثر:

اولھه وارا درياهه ملڪ جي 90 سيڪڙو آبپاشي جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا، جيڪي پاڪستان جي ٻھراڙي جي معاشيات جو 70 سيڪڙو ۽ 80-90 ارب ڊالر جو زرعي شعبو سنڀالين ٿا. 21 MAF جي گهٽتائي سڌو سنئون ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جي پيداوار کي متاثر ڪري رھي آھي، ۽ 25 ڪروڙ جي آباديءَ لاءِ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌائي پئي. پڇڙين ۾ يا بيواھن ذميندارن جون لکين ايڪڙ ٻنيون پوٺيون پيون آھن۔

1960معاهدي جو ڪيل ويل:

سنڌ طاس معاھدو، جيڪو بظاهر برابري تي ٻڌل آهي، عملي طور ڀارت کي اوڀر وارن درياهن تي مڪمل اختيار ڏئي ٿو. ان تضاد سبب پاڪستان مسلسل هڪ گھٽجندڙ سنڌو درياهي نظام تي ڀاڙي رهيو آهي. حيرت جي ڳالھه ته سنڌ ۽ ڊيلٽا جي لاءِ نه تڏهن سوچيو ويو هو، نه اڄ ڪو سنجيدھ قدم کنيو ويو آهي. آئين، جمهوريت ۽ انصاف جا نعرا به سنڌ جي سورن لاءِ درمان  نٿا ٿين!

اڄ جي تاريخ ڊيمز ۾ 3.5 MAF پاڻي ذخيرو ٿيل آهي ۽ درياهن ۾ 2 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو اچي رهيو آهي، پر سنڌ ۾ 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ۽ وڌندڙ گرميءَ ۾ زمين ۽ ماڻهو ٻئي ٻاڪارين پيا.  ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناھي!

ڪھڙا قدم کڻجن:

هن بحران جو نبيرو فقط بيانن ۾ نه، پر عمل ۾ آهي. اولھه وارن درياهن لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ/ ھلندڙ وقت ۾ جانچ، موسمي ماڊلنگ، ۽ منصفاڻي ورڇ کي هٿي ڏيڻ گھرجي. ڊِرِپ ايريگيشن ۽ لائن ٿيل ڪينالن سان پاڻيءَ جو ضايع ٿيڻ گهٽائي سگهجي ٿو. ٻيهر ٻني ٻارو ڪرڻ، ۽ سوڪڙي واري حالتن ۾ پائيدار فصل موسمي مزاحمت کي وڌائي سگهن ٿا.اوڀر وارن درياهن لاءِ معاهدي ۾ ماحولياتي وهڪرن کي شامل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ۽ سنڌو درياهه لاءِ به ماحولياتي وهڪرو بلڪل لازمي آهي.  جيڪڏهن اسان سمجهون!

ننڍا ڊيم، مينهن جي پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي، شمسي ۽ هوائي توانائي جي ذريعن مان مدد، ۽ عالمي ادارن سان علمي سهڪار ذريعي پاڻيءَ جي مربوط انتظام جي نئين راهه تي هلڻ گھرجي. سنڌ ۽ ڊيلٽا جي سورن کي قومي سور سمجهي شراڪتي، پائيدار ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڻي گهٽجي چڪو آهي. ۽ انهيءَ جو سڀ کان وڏو بار هيٺاهان وارث، يعني سنڌ جا هاري، مھاڻا، ڊیلٽا جا رھواسي ۽ زرعي مزدور ڀوڳي رهيا آهن!

ڀارت کي هاڻ سمجهڻ گهرجي ته هو ڏکڻ ايشيا جو بدمعاش نه آهي، ۽ ھن کي پاڪستان سان برابريءَ جي بنياد تي، سنڌ طاس معاھدي سميت، سڀني مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. افغانستان سان به پاڻيءَ جي معاملي تي علائقائي ڊائلاگ جي ضرورت آهي. جنهن نموني قوم ڀارت جي سامهون هڪ  لوھي ديوار بڻجي بيٺي، ساڳئي جذبي سان وفاق کي ننڍن صوبن جي پاڻيءَ جي حقن کي تحفظ ڏيڻ گھرجي.

اھم ڳالهيون ورجائيندي:

پاڪستان جا درياهه ھڪ خاموش تنبيھه ڏئي رهيا آهن. اولھه وارن درياهن ۾ سال پاڻي 1.01 MAF ۽ اوڀر وارن ۾ 0.24 MAF جي گهٽتائي، جيڪا 2000 کان وٺي 66 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، خطرناڪ مستقبل ڏانهن اشارو ڪري ٿي. معاهدي جي سخت پابنديءَ اوڀر وارن درياهن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ پاڪستان هڪ گھٽ ٿيندڙ پاڻي جي نظام  تي ڀروسو ڪرڻ تي مجبور آهي.

هن بحران جي قيمت بلڪل واضح آهي: خوراڪ جي کوٽ، توانائي جو بحران، ۽ معاشي  هيٺاهين سان گڏ ڊيلٽا جو گم ٿيڻ! پر سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جڏهن موجوده نظامن لاءِ به پاڻي موجود ناهي، ته اسان نون واھن / ڪئنالن جا خواب ڪيئن ڏسي سگهون ٿا؟ ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ انھن رٿائن جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ⁠ته سنڌو درياهه، جيڪو اڳ ئي سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، هاڻ وڌيڪ دٻاءُ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اهي نوان منصوبا لاڳو ڪيا ويا ته نه فقط سنڌ جي زراعت، پر سڄو ڊيلٽا ۽ هيٺاهين علائقو ناقابل تلافي نقصان جو شڪار ٿي ويندو.پر اميد باقي آهي. سفارتي عزم، فني جدت، عالمي سھڪار ۽ بھتر طرز حڪمراني سان گھڻي بھتري اچي سگھي ٿي. فيصلي واري گھڙي اچي چڪي آهي: يا ته اسان پنھنجن درياهن جو مستقبل بچايون، يا هميشه لاءِ وڃايون. هاڻ عمل جو وقت آهي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو