”بي جي پي پنهنجي هندوتوا نظريي سبب ڀارت کي تباهه ڪري رهي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا نيلم منير به ڀارتي جارحيت تي آواز اٿاري ڇڏيو.
نيلم منير انسٽاگرام تي پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته ڀارتيا جنتا پارٽي پنهنجي هندوتوا نظريي تحت ڀارت کي تباهه ڪري رهي آهي.
هن لکيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي نازي ايجنڊا تي هلندي پاڪستان خلاف الزام هڻي پنهنجي شهرين جو حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائي ٻئي پاسي موڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.