اسلام ڪوٽ: ڳوٺ سوجا ويري جو اسڪول ڊسپينسري ۾ هلڻ لڳو، 114 شاگرد متاثر

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سوجا ويري ۾ پرائمري اسڪول جي ٺهيل پراڻي عمارت ڪيترن ئي سالن کان زبون حالي جو شڪار ٿيڻ ۽ انهي عمارت جي ڪيترن ئي سالن  مرمت نه ٿيڻ جي ڪري هلندڙ بوائز پرائمري اسڪول صحت کاتي جي هڪ ڪمري تي مشتمل ڊسپينسري ۾ هلي رهي آھي

 جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ نياڻين سميت 114 شاگرد زير تعليم آھن جڏھن ته تعليم کاتي طرفان ڪوبه فرنيچر ۽ بنيادي سهوليت مُيَسر ٿيل نه آھي

 جڏھن ته گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت به نه هجڻ سبب نياڻيون به ڇوڪرن سان گڏ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن پر سنڌ جو تعليم کاتو اگهو ننڊ ۾ سُتل آھي جنهن ڪري ڳوٺاڻي تعليم بنيادي سهوليتون ۽ عمارتون نه هجڻ ڪري سخت متاثر ٿي رهي آھي.

ڳوٺاڻن وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ سوجا ويري جي زبون حال بڻيل پرائمري اسڪول جي فورن مرمت ڪرائي وڃي ۽ نياڻين جي اسڪول لاءِ الڳ عمارت ڏيئي بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن معصوم شاگرد آساني سان تعليم پرائي سگهن.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو