ابراهيم حيدري: لاسي پاڙي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي بند، رهواسين جو احتجاج، روڊ بند، پاڻي جي فراهمي جو مطالبو
ملير.(ذوالفقار علي نصيراڻي) چونڊيل نمائندن ابراهيم حيدري کي پاڻي نه ڏنو, لاسي پاڙي جا رهواسي حميده ڪڏاڻي جي اڳواڻي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه هئڻ ڪري احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ،
مين روڊ بند احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۽ٻارن پاڻي جا خالي ٿانو کڻي سخت نعريبازي، اقتدار ڌڻين کا پاڻي ڏيڻ جو مطالبو تفصيل موجب
چونڊيل نمائندن ابراهيم ابراهيم جيدري جي لاسي پاڙي جا رهواسي حميده ڪڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه هجڻ خلاف احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا ۽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي مين روڊ بند ڪري ڇڏيو
ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۽ٻارن پاڻي جا خالي ٿانو کڻي سخت نعريبازي ڪندي اقتدار ڌڻين کا پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هن قهر جهڙي گرمي ۾ پاڻي بند ڪري ابراهيم حيدري لاسي پاڙي کي ڪربلا ٻنايو ويو آهي فوري طور پاڻي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
مَي 18, 2025