آرمي چيف پي ايس ايل جي ميچ ڏسڻ راولپنڊي اسٽيڊيم پهچي ويو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پي ايس ايل جي ميچ ڏسڻ راولپنڊي اسٽيڊيم پهچي ويو.
پي ايس ايل 10 جو ميلو اڄ کان راولپنڊي ۾ ٻيهر سجي ويو آهي، ميچ کان اڳ رانديگرن ۽ آفيشلز پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، قومي ترانو پڙهيو ويو ۽ اسٽيديم پاڪستان زنده آباد جي نعرن سان گونجندو رهيو.
اسٽيڊيم ۾ قومي پرچم به لهرايا ويا ۽ ان موقعي تي آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو.
پهرين اننگز جي خاتمي کانپوءِ ٻيهر تقريب شروع ٿي ته آرمي چيف به اسٽيڊيم ۾ موجود هو، ان سان گڏ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به اسٽيڊيم پهتا.
تقريب جي ميزبان حمزا عباسي اعلان ڪيو ته پاڪستان سپر ليگ جا ٽي ڏينهن آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي نالي ڪيا ويا آهن، پهريون ڏينهن آرمي، ٻيو نيوي ۽ ٽيون ايئر فورس جي نالي ڪيو ويو آهي.

مَي 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو