ڪلچرل ھال سکر ۾ تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي ڀيٽا،  اظهارِ تشڪر جي تقريب منعقد

Spread the love

سکر (ڊ ر) ڪلچرل ھال سکر ۾ تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي ڀيٽا . اظهارِ تشڪر جي روح پرور تقريب منعقد ڪئي   ويئي .  اڄ جو ڏينهن، سکر جي تاريخ ۾ هڪ يادگار باب جي حيثيت رکي ٿو ،

جتي دلين مان نڪتل دعائن ، وطن سان عشق ۽ پاڪ فوج جي بهادريءَ جي ساراھ سان ڀريل هڪ شانائتي ۽ روح کي ڇهندڙ تقريب “يومِ تشڪر” طور ملهائي وئي . تقريب جو اهتمام ضلعي تعليم کاتي سکر پاران ڪيو ويو ، جنهن جو مقصد دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندڙ پاڪ فوج جي غيرمعمولي ڪاميابيءَ تي نه رڳو ڀيٽا پيش ڪرڻ هو ، پر الله پاڪ جي انعامي نصرت تي شڪر ادا ڪرڻ پڻ هو .

سکر جي ثقافتي هال ۾ ٿيل هن بامعنيٰ تقريب ۾ اسڪولن جا استاد ، شاگرد ، علمي شخصيتون ، والدين ۽ مهمان وڏي انگ سان شريڪ ٿيا . هر ڪنڊ ڪڙڇ مان وطن سان محبت جي خوشبو ايندي محسوس ٿي رهي هئي ۽ ماحول ۾ حب الوطنی جا جذبا ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل هئا . مهان مهمانن جي شرڪت , روح پرور تقريب جي خاص مهمانن ۾ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن سکر  حافظ شهاب الدين انڍڙ ، ڊائريڪٽر پرائمري تعليم محترم علي اڪبر ڪلھوڙو ۽ ڊي اي او سيڪنڊري ضلع سکر محترم حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو شامل هئا . 

صدر تقريب جناب جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تعلقه سکر سٽي هئا . تقريب جو آغاز تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿيو ، جنهن جي سعادت محترم حافظ لعل محمد تنيو حاصل ڪئي . ان کان پوءِ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سکر سٽي  جاويد حميد قريشي  مهمانن جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو . شاگردن وطن جي محبت سان ڀرپور قومي نغما ، خوبصورت ٽيبلو ۽ جذباتي تقريرون پيش ڪيون ، جن هر دل کي وطن جي عشق سان ڀري ڇڏيو . 

مھمان خاص حافظ شهاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ، پنهنجي ولوله انگيز تقرير ۾ پاڪ فوج جي بهادري ، حڪمت عملي ۽ الله تعاليٰ تي ايمان جي روشنيءَ ۾ حاصل ڪيل فتح کي تاريخي ورثو قرار ڏنو . ”هي فتح رڳو مودي سرڪار لاءِ عبرت نه هئي ، پر دنيا لاءِ پيغام هئي ته پاڪستان هڪ غيرتمند ۽ زنده قوم آهي ،“

محترم علي اڪبر ڪلھوڙو  ۽ حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو صاحب پڻ پنهنجن خطابن ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ تعليم کي مضبوط دفاعي اوزار قرار  ڏنو علي اڪبر ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن چيو ته ”اسان پنهنجن ٻارن کي علم سان آراسته ڪري ، مستقبل جا سائنسدان ، سپاهي ۽ قوم جا معمار بڻائينداسين .“ حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرپنھنجي خطاب چيو ته ”قومون پنهنجن محسنن کي ياد رکن ته اهي ڪڏهن به نه وسارجي سگهن ٿيون . پاڪ فوج جي هيءَ فتح رڳو بندوق سان نه ، پر ايمان، اتحاد ۽ قربانيءَ سان حاصل ٿي . 

تقريب جي پڄاڻيءَ تي سڀني مقررن پاران خاص طور تي  جاويد حميد قريشي , محترمه رُخسانه لاشاري , سيد نديم شاھ بخاري , مشتاق علي لنڊ , سائره حبيب ارشاد علي قريشي , شبير علي شيخ ۽ ٻين جي علمي ۽ انتظامي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي . انهن جي محنت ۽ حب الوطنیءَ جي جذبي هر دل کي متاثر ڪيو .

تقريب جي آخر ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابي تي دعا ڪئي وئي ۽ الله تعاليٰ کان وطن جي سلامتى، امن ۽ ترقي لاءِ دعائون گھريون  ويون .  بيشڪ ، هيءَ تقريب هڪ رسمي اجلاس نه ، پر هڪ اقرارِ وفا ، جذبي جو ترجمان ، ۽ شهيدن جي قربانيءَ جو اعتراف هو . تقريب جي ڪمپئرنگ جا فرائض ميڊم سائره حبيب ۽ محترم مشتاق علي لُنڊ انتهائي وقار ۽ خوبصورتي سان نڀايا

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو