ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ قوم هٿياربند فوج کي اتساهيو، الله دشمن خلاف پاڪستان کي سرخرو ڪيو: نواز شريف

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جي پس منظر ۾ سياستدانن طرفان هر قسم جا سياسي ويڇا وساري قومي سلامتي جي مسئلي تي هڪ آواز ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي.
مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ تازو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج پيشيوراڻن مهارتن ۽ حوصلي سان وطن جو دفاع ڪيو. الله جو شڪر آهي جنهن هن امتحان ۾ سرخرو ڪيو.
نواز شريف موجب، پارليامينٽ عوامي جذبن جي سچي ترجماني ڪندي جنگي صورتحال ۾ هاڪاري ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪيو.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي فوج کي اتساهه بخشيو، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا سچ تي ٻڌل بيانيو پيش ڪري دشمن جي ڪوڙ کي پوري قوت سان دنيا آڏو وائکو ڪيو.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو