ڀان سيدآباد ۾ امن امان جي بحالي لاءِ پوليس سرگرم، لنڪ روڊن ۽ هوٽلن تي سنيپ چيڪنگ شروع

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)  سيوھڻ تعلقي جي ٻئين وڏي شھر  ڀان سيدآباد ۾ امن امان بحال ڪرائڻ لاء ڀان سيدآباد ۽ سيوھڻ جي پوليس آخرڪار  تحرڪ ۾ اچي ويئي،

تفصيل موجب ڪالھ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي احڪامن هيٺ اڄ ڀان سيدآباد ۾ ون فائيو 15 انچارج سيوهڻ منظور حسين دل،  ڀان سيدآباد ٿاڻي تي نئون آيل ايس ايڇ او محمدعلي کوکر پنهنجي پوليس اهلڪارن سان گڏ لنڪ روڊن ۽ شهر جي مختلف چوراهن تي سخت سنيب چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آھي،

ايس ايڇ او ڀان سيدآباد محمدعلي کوکر ۽ ون فائيو 15 انچارج سيوهڻ منظور حسين دل پاران ڀان سيدآباد باء پاس تي مختلف هوٽلن تي سخت سنيب چيڪنگ ڪئي وئي آھي، جڏھن ته سنيپ چيڪنگ ڀان سيدآباد جي مين روڊ ڇني موڙ , جوهي موڙ ۽ ڀان سيدآباد  شهر مان مختلف نڪرندڙ لنڪ روڊن جي چوراهن تي ۽ شهر جي مختلف چونڪن تي پڻ سخت سنيب چيڪنگ ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته اسان کي ايس ايس پي ڄامشورو جو حڪم آھي ته ڀان سيدآباد شھر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جو امن بحال ڪرايو وڃي،

ان کانپوء اسان ڀان سيدآباد شھر جي مختلف چونڪن ۽ انڊس ھاء وي روڊ جي مين چوراھن جي سنيپ چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، انشاءالله اسان ڀان سيدآباد شھر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ امن امان جي حالت بھتر ڪرائينداسين، ۽ ڀان سيدآباد شھر کي ڏوھارين کان پاڪ ڪرائينداسين.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو