پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنهن به وقت ايٽمي جنگ ڇڙي سگهي پئي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ نفرت پنهنجي عروج تي هئي ۽ ٻئي ملڪ ايٽمي جنگ جي تمام ويجهو پهچي ويا هئا.
آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته پاڪستاني ماڻهو ذهين آهن ۽ حيرت جوڳيون شيون تيار ڪرڻ جي ناقابلِ يقين صلاحيت رکن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان سان سندس ڏاڍيون ڪارائتيون سٺي ڳالهيون ٿيون آهن اسان پاڪستان کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، ڇو ته تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي.
صدر ٽرمپ وضاحت ڪئي ته هو ڀارت بابت ته اڳ ئي پُراعتماد هو، پر پاڪستان سان به واپار بابت ڳالهايو آهي، پاڪستان آمريڪا سان واپار وڌائڻ چاهي ٿو.
ميزبان کائنس ڀارتي اڳرائيءَ جي ردعمل ۾ پاڪستان جي ڪارروائي ۽ آمريڪا جو وچ ۾ اچي جنگبندي ڪرائڻ بابت سوال تي هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي وڏيون ايٽمي قوتون آهن، ٻنهي هڪٻئي تي لڳاتار ميزائل حملا ڪري رهيا هئا ۽ صورتحال وڌندي ايٽمي هٿيارن جي استعمال تائين پهچڻ واري هئي.
هن ان ڳالهه تي افسوس ڪندي جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ ايٽمي جنگ جي ويجهو پچي ويا هئا، ڇو ته هڪٻئي سان نفرت عروج تي هئي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ ڪنهن به وقت ڇڙي پئي سگهي، پر هاڻي ٻئي ڌريون خوش آهن.
پردي پٺيان سفارتڪاري واري سوال جي جواب هن چيو ته هن پنهنجن عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۽ دهلي سان رابطو ڪري واپار ۽ ملاقاتون شروع ڪن.
آمريڪي صدر چيو ته ” مان واپار کي دشمنيون ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان، پرڏيهي پاليسي واري معاملن تي کيس زندگيءَ ۾ اڄ تائين جنهن ڳالهه تي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو ويو اها پاڪ-ڀارت ۾ ڪامياب جنگبندي ڪرائڻ آهي.
ڀارت تي تنقيد ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته ڀارت دنيا جو اهو ملڪ آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽيرف لڳائي ٿو، هنن ٻاهرين ملڪن لاءِ ڪاروبار لڳ ڀڳ ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو، پر هاڻي ڀارت به آمريڪا سان ٽيرف 100 سيڪڙو گهٽائڻ تي تيار آهي.