وزيراعظم سان شاهد آفريدي جي ملاقات، پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ملاقات ڪئي.
وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران شاهد آفريدي ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ هٿياربند فوجن جي تاريخي ڪردار کي ساراهيو.
ان موقعي تي شاهد آفريدي چيو ته هن نازڪ وقت ۾ سڄي قوم هِڪُ ٿي دشمن کي اثرائتو جواب ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف شاهد آفريدي جا ٿورا مڃيا ۽ قومي اتحاد ۽ پاڪستاني فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ تي سندس واکاڻ ڪئي
ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي ڪپتان کي شاندار ريلي جي مبارڪباد ڏيندي کيس شيلڊ پڻ ڏني.
ملاقات دوران سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو.