نياڻين جي تعليمي ادارن ۾ هر ممڪن سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون: ڊي سي سانگهڙ
سانگهڙ(ڊ-ر) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد چيو ته نياڻين جي تعليمي ادارن ۾ هر ممڪن سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون. ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد ڊگري گرلز ڪاليج جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف شعبن جو جائزو ورتو
هن پرنسپل گرلز ڪاليج شبيله سان گڏجي ڪاليج ۾ موجود سهولتن، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، فرنيچر، ڪلاس رومز، تعليمي سرگرمين، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر ڪلاس رومز، ليبارٽريز ۽ لائبريري جو به معائنو ڪيو ۽ شاگردياڻين سان تعليم بابت پڇا ڪئي.
هن استادن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهائيندي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هنن ڪاليج انتظاميه کي هدايت ڪئي ته تعليمي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر شاگردياڻين جي حوصلي جي ساراهه ڪندي چيو ته اهي مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ تيار رهن
هنن کي تلقين ڪئي ته پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ دل سان محنت ڪري علم حاصل ڪن، ڇو ته معياري تعليم کان سواءِ دنيا سان مقابلو ممڪن ناهي. انهي موقعي تي ايجوڪيشن ورڪس آفيسر محمد علي شاه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
مَي 17, 2025