نوشهري فيروز ۾ ٽيسٽ پاس اميداورن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مظاهرو

Spread the love

نوشهروفيروز (ڊ-ر) تعليم کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچر لاءِ  ءِ  بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر ملڻ باوجود ٻن سالن کان پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ڳائي وڃائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جن جي اڳواڻي فقير اعجاز خاصخيلي، صداقت وسطڙو، مرڪ محبوب ۽ ٻيا وري رهيا هئا

انهن چيو ته تعليم کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچر لاء گهربل ڪورس ڪرڻ بعد آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ته جاري ڪيا ويا پر ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پوسٽنگ آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن. هنن چيو ته اسان لڳاتار احتجاج پڻ ڪري رهيا آهيون پر ڪير به نوٽيس نه ٿو وٺي جنهن سبب پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون.

هنن چيو ته اسان فنڪارن پنهنجا باجا ڍولڪون کپائي ٽي مهينا ميوزڪ ڪورس ڪري ٽيسٽ به پاس ڪئي پر هاڻي بهانا بڻائي اسان کي پوسٽنگ آرڊر نه ٿا جاري ڪيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽيسٽ پاس ڪري ميرٽ تي آفر آرڊر حاصل ڪندڙ ميوزڪ ٽيچرس کي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو