ملير مان سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنساء پليجو جو جنازو جنگشاھي لاءِ روانو، ڪارڪنن پاران گل نڇاور ۽ سرخ سلام سان ڀيٽا
ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ڀيڻ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنساء پليجو جو مڙهه ڪراچي کان جنگشاھي لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر شبانا پليجو، راحيل ڀٽو جي قيادت ۾ روانو،
ملير ۾ ملير بار جي وڪيلن، پپري، گلشن حديد، لائق ڏنو ڪلمتي، گهگهر ڦاٽڪ ۽ مڪلي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن حورالنساء پليجو جي مڙه تي گل نڇاور ڪري کيس سرخ سلام جي نعرن سان ڀيٽا پيش ڪئي. اڄ جنگشاهي ۾ حورالنسا پليجو کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
مَي 17, 2025