قاضي احمد ويجهو ڳوٺاڻي جون  ٻڪريون چوري، ڪيس داخل

Spread the love

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علم الدين آرائين مان تقريبن 2 مھينا اڳ پريس ڪلب قاضي احمد جي سينئر نائب صدر محمد رفيق آرائين جو ھڪ قرباني جي ڇيلو سميت 3ٻڪريون چوري ٿي ويون ھيون جنهن رپورٽ قاضي احمد ٿاڻي تي درج ڪرائي وئي ھئي

جنهن بعد ان وقت جي اڳوڻي ايس ايڇ او حسين علي کرل پنهنجي سپاھ ۽ سرڪاري پيري سان گڏ جاء واردات تي پھچي معائنو ڪري چورن جي پويان لڳو پر چور موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڪجھ ڏينهن بعد   چوري جي الزام ھيٺ آيل ماڻهن کان 13ھزار رپيا وٺي موٽر سائيڪل واپس ڏني وئي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھڪ سينئر صحافي جي چوري واپس نه ٿي ٿئي ته عام شھري سان ڪھڙو انصاف ٿيندو

جڏهن ته ايس ايس پي شھيد بينظرآباد سان ملاقات کان بعد ان به ايس ايڇ او قاضي احمد اڪبر علي چنا کي ھدايت ڪئي ته چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي پر ان به اڃان تائين ڪا به تسلي بخش ڪاروائي ناهي ڪئي اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان پريس ڪلب جي صدر علي حيدر چانڊيو ۽ صحافين مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد پريس ڪلب قاضي احمد جي سينئر نائب صدر محمد رفيق آرائين جون چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ جلد احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو