عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو لاڏاڻو ڪري وئي اُن جي لاڏاڻي تي عوامي تحريڪ جو ٽن ڏينهن سوڳ جو اعلان
ٺٽو( نظير احمد قريشي) عوامي تحريڪ جي سربراهه، قائدِ انقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب ، غلام قادر پليجو جي ڀيڻ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سسئي پليجو جي پُفي ۽ عوامي تحريڪ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو طويل عرصي جي بيماري کان پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. حورالنساءِ پليجو پنهنجي سڄي زندگي محترم فڪر رسول بخش پليجو جي انقلابي فڪر تي عمل ڪندي مظلوم طبقات، قومن، جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ بي لوث جدوجهد ڪندي گذاري.
هوءَ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت کان وٺي جنرل پرويز مشرف جي ڊڪٽيٽرشپ خلاف تحريڪن ۾ اڳئين صف ۾ رهي. هوءَ صرف هڪ سياسي ڪارڪن نه، پر پنهنجي دور جي بهادر عورت، همت واري ڀيڻ ۽ انقلابي ڌيءَ هئي، جيڪا پليجي صاحب سان زندگي جي آخري گهڙين تائين وفادار ساٿ ۾ رهي.
حورالنساءِ پليجو جي تدفين اڄ 17 مئي تي شام 4:30 وڳي جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ عمل ۾ ايندي. عوامي تحريڪ حورالنساءِ پليجو جي وڇوڙي تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي سندس ياد ۾ مختلف علائقن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون پڻ منقعد ڪندي.
عوامي تحريڪ طرفان حورالنساءِ پليجو کي سندس انقلابي جدوجهد، بهادري ۽ قومي خدمت تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي، ۽ کيس ڪروڙين سرخ سلام پيش ڪيا ويا آهن.
مَي 17, 2025