عليمه خان جي پرڏيهه وڃڻ واري درخواست تي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگرديءَ ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي پرڏيه وڃڻ ۽ ڪيسن ۾ حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران دوران عليمه خان جي وڪيل فيصل ملڪ ۽ علي بخاري دليل ڏنا، جڏهن ته سرڪاري وڪيل ظهير شاهه درخواست جي مخالفت ڪندي استدعا ڪئي ته عليمه خان کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس فنڊ ريزنگ جاري آهي ۽ عليمه خان جو ان ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، تنهنڪري درخواست رد ڪئي وڃي.
ڌرين جا جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه ٿوري کانپوءِ ٻڌايو ويو.
عدالت عليمه خان کي حاضريءَ کان ڇوٽ ۽ مختصر وقت لاءِ برطانيا وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.