”شوٽنگ دوران بار بار ڇُهڻ تي هدايتڪارکي چماٽ وهائي ڪڍي“ سارا عمير جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره سارا عمير انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماضي ۾ هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران هڪ هدايتڪار طرفان بار بار ڇُهڻ تي کيس چماٽ وهائي ڪڍي هئي.
هڪ نجي مارننگ شو دوران ڳالهائيندي سارا عمير ٻڌايو ته ”هي واقعو ڪيئي ورهيه اڳ سنڌ جي هڪ جي ڏورانهين علائقي ۾ شوٽنگ دوران پيش آيو، جتي ماني کائڻ وقت اسان ميز تي ويٺا هئاسين ته اوچتو هدايتڪار ميز جي هيٺان مون کي هٿ لاتو.“
اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته ” مان سمجهيو ته شايد اِهو غلطي ۾ ٿيو هوندو، تنهنڪري مان پنهنجي ڪُرسي ڇڏي ميز جي ٻي پاسي وڃي ويٺيس، پر هدايتڪار وري به ٽيبل جي هيٺان ڇهڻ لڳو، جنهن تي مون کي پَڪ ٿي وئي ته هي ڄاڻي واڻي ڪري رهيو.“
سارا عمير جو چوڻ هو ته ” ٻئي ڏينهن شوٽنگ دوران ساڳيو ئي هدايتڪار ٻين اداڪارن سان به اڻ وڻندڙ ورتاءُ سان پيش آيو، جڏهن هن مون سان به اهڙي حرڪت ڪئي ته منهنجو صبر جواب ڏئي ويو ۽ کيس سڀني جي سامهون چماٽ وهائي ڪڍيم.“
هن وڌيڪ چيو ته ” ان کانپوءِ مان ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واپس موٽي آيس.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو