سنڌ جي ڪامل بزرگ حضرت شهيد جيئي جنگ بادشاھ جي سالياني عرس جو افتتاح
سڪرنڊ ( رپورٽر ) سنڌ جي ڪامل بزرگ حضرت شهيد جيئي جنگ بادشاھ جي سالياني عرس جو افتتاح شهيد جي مزار تي چادر چاڙهي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ اڳوڻي ناظم علي اصغر رند ، پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر حاجي الھ بخش لاکو ، سياسي سماجي شخصيت رئيس نور احمد لاکو، سڪرنڊ پريس ڪلب جي انفارميشن سيڪريٽري غلام نبي ملاح ، سيد احسان شاھ ، ڪائونسلر نور احمد رند ، ايس ايڇ او اصغر هاليپوٽو درگاھ شريف جي گادي نشين فقير فدا حسين سان گڏ درگاھ تي چادر مبارڪ چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو
جنهن بعد سيد نور محمد شاھ جيلاني اجتماعي دعا گهرائي افتتحاحي تقريب دوران عرس ڪاميٽي جي ميمبرن مجيد عباسي ، بشير لاشاري ، قلندر بخش ملاح ۽ ڪاشف رضا سيال مهمانن کي ترتيب واري ويهاري کائن عرس بابت ويچار ورتا ان دوران فقير فدا حسين پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت موجب اجرڪون اوڍايون ويون جڏھن ته پرويز احمد رند پاران مهمان خاص علي اصغر رند کي بوسڪيءَ جو پٽڪو پارايو ويو ٿقريب جي پڄاڻي تي شاندار مهمان نوازي پڻ ڪئي وئي ان کان اڳ عرس ڪاميٽي جي ميمبرن سيٺ محمد الدين ، چنيسر خان ۽ مزار خان رند آيل مهمانن جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو افتتاحي تقريب ۾ جاويد سومرو ، رضا محمد سيال ، نياز لاشاري ، همٿ خاصخيلي ، عطا محمد سيال ، صلاح الدين انصاري ، لطيف ملاح ، دلدار چانڊيو ، سرفراز بشير لاشاري ، حافظ گل سڪندري سميت شهر جون ڪئي شخصيتون موجود هيون..
مَي 17, 2025