دادو: اي سيڪشن پوليس پاران جوا جي اڏن خلاف ڪريڪ ڊائون، ٽن جوابدارن سميت چوري ٿيل موٽرسائيڪلون به هٿ،

Spread the love

 دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسيءَ جي خاص هدايتن تي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفيٰ پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ جوا جي اڏن خلاف اثرائتو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پنج مور لڳ خفيه اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو. ڪاروائي دوران پوليس ٽن ڄڻن کي تاس تي جوا کيڏندي هٿ ڪيو،

جن وٽان تاس، نقد رقم ۽ ٻه چوري ٿيل موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ فياض علي مگسي، سجاول مگسي ۽ محبوب چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويو پوليس موجب جوابدارن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،

 جڏهن ته موٽرسائيڪلن جي مالڪيءَ جا ڪاغذ پيش نه ڪرڻ تي 550 جي قلم هيٺ پڻ چالان ڪيو ويون آهن، ان موقعي تي ايس ايڇ او نور مصطفيٰ پٺاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوا جهڙي برائي معاشري جي جڙن کي ڪمزور ڪري رهي آهي،

 جنهن جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي دادو ڪئپٽن ريٽائرڊ امير سعود مگسي جي هدايتن تحت ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته کلي ڪچهري دوران سينئر صحافين جي نشاندهيءَ کان پوءِ جوا ۽ منشيات جي اڏن خلاف منظم حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن به منشيات فروش يا جواري کي ڇڏائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ وجهڻ يا سفارش ڪئي وئي ته اهڙن ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪري سندن نالا لاڳاپيل ادارن حوالي ڪيا ويندا.

 هن خبردار ڪندي چيو ته ڏوهاري جو ساٿاري، منهنجي نظر ۾ پاڻ به ڏوهاري آهي ياد رهي ته دادو ضلعي ۾ جوا ۽ منشيات جي واهرين خلاف جاري انهيءَ مهم کي شهري حلقن پاران ساراهيو پيو وڃي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اهڙي سخت رويي سان سماج کي گندگين کان پاڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو