جنگون وڙهڻ فوج جو ڪم آهي، ان ۾ ڪنهن جو ڪو ڪمال ناهي: پي ٽي آءِ

Spread the love

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته منهنجي مٿان 20 ڪيس آهن ۽ مون کي ئي خبر ناهي، آئين ۽ قانون موجب سڄي نظام کي هلڻ ڏيو، خان صاحب کي ٻاهر اچڻو آهي، اِهو پاڪستاني عوام جو فيصلو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي مٿان 20 ڪيس آهن ۽ مون کي خبر ناهي، اسان هن نظام جي خلاف وڙهي رهيا آهيون، ڪوڙ تي سڄو نظام هلي رهيو آهي، صحافين کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي.
هن چيو ته هي نظام هوش ۾ اچي، عدليه کي آزاد ڪريو، صحافت کي آزاد ڪريو، اسان کي جلد احتجاجي سياست ڪندي ڏسندا، روڊن تي اچڻ اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، جنگ سڄي قوم وڙهي آهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته آئين ۽ قانون موجب سمورو نظام هلڻ ڏيو، جنگ فوجون وڙهنديون آهن، ان ۾ ڪنهن جو به ڪمال ناهي، ڪنهن هڪ ماڻهو جنگ ناهي وڙهي.

مَي 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو