گجرات جي ڪاسائيءَ پهلگام واقعي جو بهانو ڪري سنڌ طاس معاهدي کي وچ ۾ آندو: وڏو وزير

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت جي طرفان اماڻيل ڊرون سبب سنڌ ۾ به شهادت ٿي ، جڏهن ته پهلگام حملي کان ترت پوءِ ڀارت بنا جاچ ۽ ثبوتن جي پاڪستان تي الزام مڙهيو.
سندھ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳائي هڪ طرفو فيصلو ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ”گجرات جي ڪاسائي“بهانو ڪري سنڌ طاس معاهدي کي وچ ۾ آندو، جڏهن ته اهو معاهدو ڪنهن هڪ ڌر طرفان ختم نه ٿو ڪري سگهجي.
وڏي وزير چيو ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان جي عبادتگاهن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
وڏي وزير چيو ته پاڪستان ڪڏهن به اڳرائي ناهي ڪئي، هر ڀيري جارحيت ڀارت طرفان ٿي آهي، جنهن ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو. پاڪستان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي دشمن کي خاموش ڪيو.
هن چيو ته قوم هر وقت پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، پاڪستان دشمن جا 3 رافيل ڪِيرايا جن بابت چيو پئي ويو ته اِهو ڪير به نه ٿو ڪيرائي سگهي، پاڪستان ٽن ڪلاڪن اندر دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
پنهنجي تقرير دوران هن انڪشاف ڪيو ته پاڪستان طرفان شروع ڪيل ” آپريشن بنيان مرصوص“ کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ روبيو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي فون ڪري چيو ته ڀارت جنگبندي چاهي ٿو.
مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجو دفاع ڪيو آهي.
وڏي وزير وڌيڪ چيوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته” گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ٺاهينداسين“ ، شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني.

مَي 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو