مفتي قوي کي اسلام آباد جي مشهور مسجد مان تڙيو ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي هڪ مشهور مسجد جي پيش امام مان مفتي عبدالقوي کي مسجد مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب، مفتي عبدالقوي مسجد جي هڪ ڪمري ۾ ڪجهه ماڻهن سان گڏ موجود هو، جتي اوچتو مسجد جو پيش امام پهتو ۽ کيس اتي موجود ڏسي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو.اکين ڏٺن شاهدن موجب، پيش امام کيس سخت لفظن ۾ چيو ته ”هن کي هتي ڪير وٺي آيو آهي؟ ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هو ٻيهر مسجد آيو ته کيس سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

مَي 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو