سي ايس ايس اميدوارن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ سي ايس ايس جي اميدوارن لاءِ عمر جي حد پنجن سالن تائين وڌائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اميدوارن کي مقابلي جي امتحان ۾ پنج ڀيرا ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته عمر جي وڌ ۾ وڌ حد 30 سال بدران 35 سال مقرر ڪئي وڃي.اهو ٺهراءُ مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي نوشين افتخار پيش ڪيو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سومر شام پنجين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو .

مَي 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو