”دل ٽٽي ۽ محبت اڌوري رهجي وئي“ سڪينا خان ناڪام پريم ڪهاڻي جو ذڪر ڇيڙي لڙڪ لاڙي ويٺي

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) اُڀرندڙ اداڪارا سڪينا خان پنهنجي ناڪام محبت ۾ ناڪامي بابت ڳالهائيندي جذباتي ويئي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا سڪينا خان هڪ نجي ٽي وي جي مزاحيه پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن فني ۽ ذاتي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
شون دوران ميزبان کائنس پڇيو ته ڇا هُن جي ڪڏهن زندگي ۾ دل ٽٽي آهي؟ جنهن تي اداڪارا جواب ڏيندي اعتراف ڪيو ته ” ها، تازو منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو واقعو پيش آيو.“
سندس چوڻ هو ته ” مون کي پنهنجي محبت مان تمام گهڻيون اميدون هيون، مون ان ماڻهوءَ تي پاڻ کان به وڌيڪ ڀروسو ڪندس هيس ، پر جڏهن اهو يقين ٽُٽندو آهي ته تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مان اها تڪليف به انجواءِ ڪريان ٿي، ڇو ته اسان گڏجي ڪيترائي يادگار لمحا گذاريا هئا، جيتوڻيڪ اسان تڪڙو جدا ٿي وياسين، پر دل ۾ اها اميد هوندي آهي ته شايد هو موٽي اچي.“
هن چيو ته ” انسان ان اميد سان الله کان به دعا گهرندو آهي ته شايد ڪجهه بهتر ٿي پئي.“
سڪينا خان جي انٽرويوءَ جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جتي مداح سندس جذبي ۽ بي باڪي کي ساراهي رهيا آهن.