تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف لڳاتار جدوجهد جي ضرورت
سيد يوسف شاهه
سکر ۾ سنڌ حڪومت جي گهرو معاملن واري وزير ضياءَ لنجار سان ٿيل ڳالھين کان پوءِ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ سنڌ حڪومت پاران زباني طور يقين ڏيارڻ جي بنياد تي ميڊيا سان ڳالھائيندي، ٻٻرلوءِ ڌرڻو به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان حڪومت سان ڳالھين لاءِ وڪيلن جي ڪميٽي جوڙي ويئي آھي ۽ حڪومت يقين ڏياريو آھي ته اٺن ڏينھن اندر حڪومت وڪيلن جي ڪاميٽيءَ کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن جو سمورو ريڪارڊ ۽ ٻيا تفصيل ڏيندي ۽ پندرھن ڏينھن کان پوءِ ان حوالي سان ٻيھر سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪيون وينديون. اھم ڳالهه اھا آھي ته سنڌ حڪومت جي عيوضيءَ وڪيل اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ به ضروري نه سمجهيو ۽ سموريون ڳالھيون وڪيل اڳواڻ واتان چورائي، سمورو گند ڪچرو ھُن مٿان اڇلائي ڇڏيو. جنھن مان پڪ ٿي ويئي ته حڪومتي ارادا ڇا آھن. وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ جي جدوجهد، محنت ۽ دليريءَ جو اعتراف ۽ مٿس بنا شڪ ڪرڻ جي تاريخ جي درستگيءَ لاءِ اھو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته حالتون کڻي ڪھڙيون به ھجن، ھن تي ڪيڏو به دٻاءُ پيو ھجي پر سنڌ حڪومت سان ڳالھين جي نالي تي ڌرڻا ختم ڪرڻ جي اعلان کي ” حاڪمن اڳيان گوڏا کوڙڻ ۽ سرينڊر“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو. اھا به اھم ڳالهه اھي ته حڪومت سان ڳالھين کان اڳ ۾ ھن تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندڙ وڪيلن جي ھڪ وڏي تعداد سنڌ حڪومت سان ڳالھين جو حصو بنجڻ کان انڪار ڪندي، ڌرڻي جي اڳواڻ عامر نواز وڙائچ تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيو ھو ته ”حڪومت نواز وڪيلن عامر نواز وڙائچ کي ڦاسائي ٽريپ ڪري ورتو آھي، تنھنڪري سنڌ حڪومت سان ڳالھيون سنڌي قوم جي فائدي ۾ نه وينديون.“ ٻي اھم ڳالهه اھا ته نون مھينن کان جدوجهد جي ميدان تي لٿل ڪابه سياسي پارٽي سنڌ حڪومت سان ٿيندڙ ڳالھين جو حصو نه ھئي، پر حڪومت سان وڪيلن جي زباني معاھدن کان فورن پوءِ سنڌو درياهه بچايو اتحاد جي ڪنوينئر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صنعان قريشي، مير ذوالفقار علي ڀُٽي، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊئي، جيئي سنڌ محاذ آريسر جي اڳواڻن، ترقي پسند پارٽيءَ سميت مولانا اياز قمي ۽ ٻين حڪومتي واعدن کي ٺڳي ۽ ڌوڪو سڏيندي جدوجهد جاري رکڻ ۽ وڌيڪ تيز ڪرڻ جو گڏيل اعلان ڪيو.
ڌرڻا ختم ٿيندي ئي سنڌ حڪومت جو اصل روپ سامھون اچي ويو، سنڌ حڪومت پاران ڌرڻن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندڙن ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ وڪيلن ۽ عام ماڻھن جون خدمتون ڪندڙن تي چرس، شراب ۽ ٻيون نشيدار شيون وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا ڪيس ٺاھي، کين جيلن ۾ واڙيو ويو ته جيئن اھا تحريڪ ٻيھر نه اٿي سگهي. ڇوته اھا ڳالهه ھاڻي سموري سنڌي قوم جي آڏو پڌري ٿي چڪي آھي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھي سنڌ سُڪائڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرائڻ ۽ سنڌ جي سمورن وسيلن جي ڦرلٽ واري ڪڌي ڪم ۾ پ پ وفاق، پنجاب توڙي اسٽيبلشمينٽ جي سھولتڪار ۽ دلال جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، اھوئي سبب آھي جو ڳجهه ڳوهه ۾ ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم به جاري آھي، سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضا به ٿي رھيا آھن، ته دينا داستي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي چوري به جاري آھي پنجاب جي ربيع جي فصلن جي پوکائيءَ لاءِ ارسا ۽ پنجاب حڪومت تربيلا، منگلا ۽ چشما ڊئم ۾ 2 ڏھائي 345 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻي ورتو آھي، پنجاب نه فقط ڊئمن ۾ پاڻي جمع ڪري رھيو آھي
هاڻي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اسرار چانگ ۽ ٻين وڪيلن چيو آھي ته سنڌ حڪومت سان ڳالھين لاءِ وڪيل اڳواڻن جي 11 رڪني ڪاميٽي جوڙي ويئي ھئي پر رات وچ ۾ ڪميٽيءَ مان سنڌ دوست وڪيلن جا نالا خارج ڪيا ويا آھن ھاڻي سنڌ حڪومت سان پيپلزپارٽيءَ جي وڪيلن جي ڪميٽي ڳالھيون ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا تي ٺپو ھڻي ايندي. ٻئي پاسي مقرر تاريخ تي سنڌ حڪومت گرين پاڪستان رٿا تحت ڪارپوريٽ فارمنگ بابت وڪيلن سان ڳالھيون نه ڪيون، تنھن ڪري آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ سنڌ حڪومت سان ڳالھين لاءِ جوڙيل مذاڪراتي ڪميٽي ٽوڙييندي چيو ته گهرو وزير ضياءَ لنجار جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن جي وفد کي يقين ڏياريو ويو ھو ته 13 مئي تي ڳالھيون ڪري رٿا ختم ڪئي ويندي، پر حڪومت جو عمل افسوسناڪ ۽ سنگين ڪوتاھي آھي تنھن ڪري معاملو ٻيھر ايڪشن ڪميٽيءَ ڏانھن اماڻيو ويو آھي. انھن سمورن واقعن مان اھا حقيقت چٽيءَ ريت پڌري ٿي پئي آھي ته سنڌ حڪومت نه ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون آسانيءَ سان رد ڪندي ۽ نه ئي سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلو رد ڪيو ويو آھي، سي سي آءِ جي ٿيل گڏجاڻي سنڌي قوم سان ڌوڪي، دغا بازي ۽ سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي ھڪ سازش کان سواءِ ڪجهه به ناھي. تنھنڪري سنڌو درياهه، سنڌ جون زمينون، ڪوئلي، گئس ۽ پئٽرول سميت سنڌ جا سمورا معدني وسيلا ۽ سنڌ جي سموري ڪمائي بچائڻ لاءِ مسلسل، لاڳيتي ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آھي،
مَي 16, 2025