آءِ پي ايل سيڪيورٽي رسڪ، پي ايس ايل محفوظ، پرڏيهي رانديگر پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ضابطن موجب، ڀارت پرڏيهي ڪرڪيٽرن کي واپسي لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي موجوده عالمي صورتحال ۾ بي سي سي آءِ تي ضابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳي رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ پي ايل جي ڪانٽريڪٽ قاعدن تحت جيڪڏهن ڪا غيرمعمولي صورتحال جهڙوڪ جنگ، قدرتي آفت يا سياسي بدانتظامي پيدا ٿئي ته اهڙين حالتن ۾ رانديگرن کي پنهنجي معاهدن تي عمل نه ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي ۽ ان لاءِ کين ڀارتي بورڊ ۽ فرنچائز جي اجازت گهربل نه هوندي.
ياد رهي ته پاڪستان هٿان جنگي ميدان ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي بورڊ آءِ پي ايل ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو، پر پرڏيهي ڪرڪيٽر ان ماحول کي خطري وارو قرار ڏئي واپسي کان انڪار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪ پنهنجي رانديگرن جي سيڪيورٽي بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.

بي سي سي آءِ جو دٻاءُ ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي؟
رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٻين ملڪن تي پنهنجو اثر استعمال ڪري رانديگرن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا آءِ پي ايل جي پنهنجي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي
.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جا واضح موقف
آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي تازي بيان ۾ چئي ڇڏيو آهي ته رانديگر جيڪڏهن نه وڃڻ چاهين ته کين زبردستي نٿو موڪلي سگهجي،ها پر ٽيم مئنيجمينٽ وٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ جو اختيار آهي. ان سان گڏوگڏ انگلينڊ پڻ اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجن رانديگرن کي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڀارت وڃڻ جي اجازت نه ڏيندو.

آءِ پي ايل انتظاميا دٻاءَ هيٺ
پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي سيڪيورٽي خدشن سبب آءِ پي ايل انتظاميا سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي ۽ قبول ڪيو ويو آهي ته صورتحال سندن ڪنٽرول کان ٻاهر آهي.

پي ايس ايل محفوظ، عالمي ڪرڪيٽر پاڪستان اچڻ لاءِ تيار
ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ صورتحال ابتڙ آهي، جتي پرڏيهي ڪرڪيٽر پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا آهن. انگلينڊ جي اليڪس هيلز، آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر، بنگلاديش جي شڪيب الحسن ۽ سري لنڪا جي دنيش چنديمل سميت ڪيترن ئي اسٽار رانديگرن پاڪستان اچي کيڏڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.

مَي 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو