ڪشمير تي ٽرمپ جي ٽياڪڙيءَ مودي کي مُنجھائي وڌو !

Spread the love

امبراسن ايٿيراج

ڏهاڪن کان هندستان ۾ پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ ڪنھن ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي ممنوع رھي آهي.

خاص طور تي ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان سان ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار ۾ تھ ٽئين ڌر ھندستان کي قبول نھ آھي.پنهنجي غير روايتي سفارتڪاري لاءِ مشهور آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏھن  دهلي لاءِ هڪ حساس مسئلي کي ڇيڙيو ته ماهرن کي ڪا گھڻي حيرت ناھي ٿي.ڇنڇر ڏينھن  هن سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته آمريڪي ٽياڪڙي هيٺ هندستان ۽ پاڪستان جي. چئن  ڏينهن جي شديد سرحدي چڪرين کان پوءِ “مڪمل ۽ فوري جنگ بندي” تي متفق ٿي ويا آهن.بعد ۾ ٻئي پيغام ۾، هن چيو: “مان توهان ٻنهي سان گڏ ڪم ڪندس ته جيئن هڪ هزار سالن پرڻي ڪشمير جي مسئلي جو حل ڳولي ڪڍي سگهجي.”

ڪشمير جو اھو تڪرار 1947 ۾ برطانوي راڄ کان آزادي ۽ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي قيام سان شروع ٿيو. ٻئي ملڪ مڪمل طور تي ڪشمير تي دعويٰ ڪن ٿا پر ان جي صرف هڪ حصي تي ڪنٽرول رکن ٿا.ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفي ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيڻ جي باوجود، ڪو به حل سامهون نه آيو آهي. هندستان ڪشمير کي پنهنجي رياست جو هڪ اڻ ٽٽ انگ سمجهي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ڳالهين کي رد ڪري ٿو، خاص طور تي ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي کي قبول نٿو ڪري.تازي ڇڪتاڻ گذريل مهيني هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ سياحن تي حملي  ۾  26 ماڻھن جي مرڻ کانپوءِ شروع ٿي. جنھن ۾ ھندستان، پاڪستان ۾ مبينا دهشتگرد ڪئمپن تي هوائي حملا ڪيا.ڪشمير ۾ سياحن تي ڪيل حملي بابت ھندستان جي الزام کي اسلام آباد رد ڪري ٿو

صدر ٽرمپ جي مداخلت اهڙي وقت آئي جڏهن ٻنھي ايٽمي ھٿيار رکندڙ پاڙيسرين جي وچ ۾ تڪرار مڪمل جنگ ۾ بدلجڻ جو خطرو هو.سفارتي ڪوششن جنگ تي روڪي ورتي،پر صدر ٽرمپ جي آڇ دهلي کي مشڪل  ۾ وجهي ڇڏيو آهي.اڳوڻي هندستاني پرڏيهي سيڪريٽري شيام سرن  موجب، يقيناً هندستاني ڌر هن (آڇ) کي سٺو سنوڻ نٿي سمجھي.ڇاڪاڻ ته اهو ڊگهي عرصي واري اختيار ڪيل موقف جي خلاف آهي.

ٻئي طرف اسلام آباد ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪئي  آهي.پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته: اسان صدر ٽرمپ جي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جي آڇ جي تعريف ڪريون ٿا.

هي ڊگهو مسئلو آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر جي امن ۽ سلامتي تي سنگين اثر وجهي سگهي ٿو.هندستان 2019 ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي، ته ڪشمير تي ان جو موقف سخت ٿي ويو، ۽ ان کان پوءِ وڏي پيماني تي احتجاج ٿيا.صدر ٽرمپ جي تازين تبصرن ڪيترن ئي هندستانين کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. اهي سندس بيان کي ‘بين الاقوامي سطح تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ’ جي ڪوشش سمجهن ٿا.هندستان ۾ مکيه مخالف ڌر ڪانگريس پارٽي، واشنگٽن ڊي سي پاران پهريون ڀيرو ‘جنگبندي’ جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ حڪومت کان وضاحت طلب ڪئي آهي ۽ آل پارٽيز ميٽنگ طلب ڪئي آهي.ڪانگريس  جي ترجمان جئيرام رميش چيو:  ڇا اسان ٽئين پارٽي جي ٽياڪڙي  جو دروازو کوليو آهي؟.انڊين نيشنل ڪانگريس ڄاڻڻ چاهي ٿي ته ڇا هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي رهيا آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جنگ بندي جي اعلان ۾ چيو ته ٻئي ملڪ “هڪ غير جانبدار هنڌ تي ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالھين  شروع ڪرڻ تي به متفق ٿيا ويا آهن.”. انهيءَ ڳالهه هندستاني عملدارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.دهلي اسلام آباد سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هو مٿس سرحد پار کان دهشتگردي جي حمايت جو الزام لڳائي ٿو.تاريخي طور تي، هندستان 1972 جي شملا معاهدي جي بنياد تي ڪنهن به ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي  جي مخالفت ڪئي آهي. هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 1971 جي جنگ کان پوءِ ڪيو ويو هو.معاهدي موجب، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن “ٻه طرفي ڳالهين ذريعي پنهنجن اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ” ھو.

 هندستاني عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن اهي پاڪستان جي سول حڪومت سان ڪنهن سمجهوتي تي پهچن ٿا ته ملڪ جي طاقتور فوج انهن معاهدن کي سبوتاج ڪري ٿي ڇڏي. هو 1999 جي ڪارگل جنگ جو مثال ڏين ٿا. جيڪا تڏهن شروع ٿي جڏهن پاڪستاني حمايت يافته شدت پسندن هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي اهم علائقن تي قبضو ڪيو.تڪرار تڏهن پيدا ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم ٻه طرفي ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ تي متفق ٿيا.

هندستاني وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت اڃا تائين صدر ٽرمپ جي ثٽياڪڙي جي آڇ تي ڪو به سرڪاري جواب نه ڏنو آهي.پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر چيو ته: “ڀارت هميشه دهشتگردي جي هر شڪل خلاف هڪ مضبوط ۽ غير لچڪدار موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ان تي قائم رھندو.”ان کي اھو اشارو سمجهيو پيو وڃي ته هندستان جلد سڌي طرح ٻه طرفي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو خواهشمند ناهي.

پاڪستان جو نقطه نظر مختلف آهي.اسلام آباد ۾ سينٽر فار ريسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر امتياز گل  موجب: “پاڪستان هميشه ڪشمير جي مسئلي تي ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي چاهيندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد جي کوٽ آهي.” هاڻي  هڪ عالمي طاقت  جي وچ ۾ پوڻ کي پاڪستان پنھنجي اخلاقي فتح طور ڏسندو.”دفاعي ماهر سيد محمد علي جو چوڻ آهي ته هندستان جي مسلسل انڪار عالمي برادري کي مستقبل ۾امڪاني تڪرار کان بچڻ لاءِ مداخلت ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.ڪشمير عالمي برادري لاءِ سڀ کان اهم مسئلن مان هڪ آهي.

2014  ۾ نريندر مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هندستان جي جارحاڻي سفارتڪاري کي هڪ اڀرندڙ عالمي معاشي طاقت جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو.پر ھندستان کي هاڻي ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي روڪڻ   لاءِ توازن قائم ڪرڻو ڏکيو ٿي پوندو.

آمريڪا ڪجھ سالن ۾ چين جي وڌندڙ اثر، جي خلاف هندستان کي هڪ اهم ساٿي طور قبول ڪيو آهي. ڪجهه ڏهاڪن دوران واشنگٽن هندستان کي جديد  فوجي سامان پڻ فراهم ڪيو آهي. هندستان پنهنجي فوج کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هاڻي تائين، اهو روسي هٿيارن تي تمام گهڻو ڀاڙيندو رهيو آهي.

اڳوڻي آمريڪي انتظاميا ڪشمير جي حوالي سان هندستان جي حساسيت کان واقف رهي آهي ۽ ان ۾ مداخلت کان پاسو ڪيو آهي. پر ٽرمپ لاءِ ھاڻي  سوال  پيدا ٿيو آهي ته ڇا اها پاليسي اڃا بھ برقرار رھندي يا نھ رھندي آهي.دهلي هاڻي هڪ نازڪ رستي تي هلڻ تي مجبور لڳي ٿي. هو ٽرمپ جي جي آڇ، يا آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي، موجوده ڇڪتاڻ کان اڳتي وڌڻ نه چاهيندو، پر هو آمريڪا سان خوشگوار واپاري لاڳاپا برقرار رکڻ به چاهيندو.جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش دوران معاملو درياءَ جي پاڻي کي روڪڻ يا ڪشمير جي حيثيت تائين وڃن ٿيون، ته ان تي تنقيد ٿيندي، ۽ وزيراعظم مودي هن ڦندي کان چڱي طرح واقف آهي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو