ڀارت وارا نِڇَ ڏيڻ لاءِ گهرائين ته به پاڪستاني فنڪار ڀَڳا ويندا: ثنا عسڪري

Spread the love

پاڪستاني اداڪارا ثنا عسڪري پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ سبب پاڪستاني فنڪارن تي پابندي لڳائڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ثنا عسڪري چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ناهي ته پوءِ توهان اتي وڃي ڪم ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟ هاڻ به ڀارتي چئي رهيا آهن ته پاڪستاني اداڪار فواد خان جي فلم تي پابندي هڻو.
هن چيو ته عزت سڀ کان مٿي آهي، جيڪڏهن اهي توهان کي عزت سان گهرائي رهيا آهن ته ٻنهي ملڪن طرفان گڏيل طور تي اهو ٿيڻ گهرجي، ڀارتي اداڪار به پاڪستان ۾ اچي ڪم ڪن ۽ اسان جا اداڪار به ڀارت وڃن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت وارا هڪ نِڇَ ڏيڻ لاءِ گهرائيندا ته به پاڪستاني ڀَڳا ويندا ته اسان کي ڀارت گهرايو آهي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو