پٽ جو پرتگال لاءِ ڊيبيو، رونالڊو جذباتي پيغام جاري ڪري ڇڏيو

لزبن (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي پٽ رونالڊو جونيئر کي پرتگال جي قومي انڊر-15 ٽيم ۾ ڊيبيو ڪرڻ تي واڌايون ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
رونالڊو جونيئر گذريل ڏينهن جپان خلاف ميچ دوران پرتگال جي انڊر-15 ٽيم جي نمائندگي ڪندي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جتي هو ميچ جي 45هين منٽ تي پنهنجي والد جي مشهور 7 نمبر واري شرٽ پائي ميدان لٿو.
ان موقعي تي سندس ڏاڏي به اسٽيڊيم ۾ موجود هئي ۽ پوٽي کي مسلسل اُتساهيندي رهي، جڏهن ته دوستاڻي ميچ ۾ پرتگالي ٽيم جپان کي 1-4 تان شڪست ڏني.
ان خاص موقعي تي ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پٽ جي ميچ دوران تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ” پنهنجا پٽڙا! پرتگال لاءِ ڊيبيو ڪرڻ تي توکي دل سان واڌايون هجن، مون کي توتي فخر آهي.“
ليجنڊري فٽبال جي سوشل ميڊيا پوسٽ کي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي، جڏهن ته فٽبال جي دنيا سان واڳيل ان کي نئين دور جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن.