سڪرنڊ: حضرت شهيد جيئي جنگ بادشاهه جي سالياني عرس جو شاندار افتتاح، وڏي انگ ۾ شرڪت
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ جي ڪامل بزرگ حضرت شهيد جيئي جنگ بادشاھ جي سالياني عرس جو افتتاح شهيد جي مزار تي چادر چاڙهي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ اڳوڻي ناظم علي اصغر رند ، پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر حاجي الھ بخش لاکو ، سياسي سماجي شخصيت رئيس نور احمد لاکو، ، سيد احسان شاھ عطامحمد سيال درگاھ شريف جي گادي نشين فقير فدا حسين سان گڏ درگاھ تي چادر مبارڪ چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو
جنهن بعد سيد نور محمد شاھ جيلاني اجتماعي دعا گهرائي افتتحاحي تقريب دوران فقير فدا حسين ۽ سيٺ محمد دين رند پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت موجب اجرڪون اوڍايون ويون جڏھن ته پرويز احمد رند پاران مهمان خاص علي اصغر رند کي بوسڪيءَ جو پٽڪو پارايو ويو ٿقريب جي پڄاڻي تي شاندار مهمان نوازي پڻ ڪئي وئي
ان کان اڳ عرس ڪاميٽي جي ميمبرن سيٺ ياسين رند مجيد عباسي ڪاشف رضا سيال بشير لاشاري قلندر بخش ملاح ۽ مزار خان رند آيل مهمانن جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو تقريب م نياز لاشاري قاضي جاويد سنائي رضامحمد سيال قربان عمراڻي لطيف ملاح غلام نبي ملاح ممتاز ملاح ھمت خاصخيلي دلدار چانڊيو رفيق چانڊيو جاويد سومرو نور احمد رند فتح محمد سيال غلام حيدر سولنگي صلاح الدين انصاري اصغر ھاليپوٽو ۽ ٻين وڏي انگ م شرڪت ڪئي.
مَي 15, 2025