سکر: سنڌ جي وڏي وزير پاران 9 مغوين جي اغوا جو نوٽيس، پوليس آپريشن ۾ 12 مغوي بازياب، ڌاڙيل فرار

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ جي وڏي وزير پاران خيرپور مان 9 ڄڻن جي اغوا جو نوٽيس ورتو ترجمان وزيراعلي موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آء جي سنڌ کي مغوين کي جلد بازيات ڪرائڻ سميت عوام جي جان۔مال جي حفاظت جو حڪم۔ پوليس کي ڌاڙيلن ۽ قانون کي چيلنج ڪندڙن خلاف آپريشن جاري رکڻ جي هدايت۔

ڊي آء جي سکر ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ سنڌ جي وڏي وزير ۽ آء جي سنڌ جي حڪم تي عمل ڪندي سکر ۽ خيرپور پوليس کي ڏوهارين خلاف ڪاروائيون تيز ڪرڻ ۽ مغوين جي بحفاظت بڍزيابي واري حڪم تي سکر پوليس جو باگڙجي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڏينهن کان جاري پوليس آپريشن دوران  ڌاڙيلن تي پوليس جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

ترجمان سکر پوليس موجب باگڙجي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڌاڙيل گهٻراهٽ جو شڪار ٿي گذريل رات سکر مان 3 ۽ خيرپور واري علائقي مان 9 ماڻهن کي اغوا ڪيو هو۔ايس ايس پي سکر اظهر خان جي اڳواڻي ۾ ڪڇي واري علائقي ۾ بروقت ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پوليس کين محفوظ طور تي بازياب ڪرائي ورتو.

ڌاڙيلن مغوين کي ٻي جاءِ تي منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس سان مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اغوا ڪندڙن پاران ڳري هٿيارن سان پوليس جي بڪتر بند اي پي سي گاڏين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان بڪتر بند کي نقصان پهتو، فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ ڌاڙيلن هڪ درجن مغوين کي ڇڏي رات جي اونڌاهيءَ جو فائدو کڻندي جهنگ ۾ فرار ٿي ويا، پوليس سندن تعاقب ۾ آهي.

12 بازياب ڪرايل مغوين مان 9 ڄڻا خيرپور ضلعي جا ۽ 3 ڄڻا سکر ضلعي جا آهن۔ياد رهي ته سولنگي برادري جي ٽن نوجوانن کي گذريل رات بچل شاهه مياني کان اغوا ڪيو ويو هو.پوليس موجب ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رهندي جيستائين انهن کي ختم نه ڪيو ويندو سکر رينج پوليس جو حوصلو بلند آهي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو